لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف جي صاحبزادے جنيد صفدر جي شادي جو ڪارڊ ۽ تفصيلون سامهون اچي ويون آهن.
اطلاعات موجب جنيد صفدر جي شادي شانزه علي روحيل سان طئي ٿي آهي، جيڪا مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي رڪن شيخ روحيل اصغر جي پوٽي آهي.
انٽرنيٽ تي وائرل ٿيل ڪارڊ مطابق جنيد صفدر جي وليمه جي تقريب 18 جنوري 2026، آچر جي ڏينهن، جاتي امرا ۾ منعقد ٿيندي۔ شادي جون تقريبون 16، 17 ۽ 18 جنوري تي ٿينديون، جن ۾ مهندي ۽ وليمه شامل آهن.
شريف خاندان طرفان دعوت نامي يا تاريخن بابت اڃا تائين ڪا حتمي تصديق نه ڪئي وئي آهي.
شيخ روحيل اصغر اڳ ۾ ئي رشتو طئي ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي ۽ ٻڌايو هو ته شانزه ۽ مريم نواز جي ننڍي ڌيءَ ۾ گهري دوستي آهي۔ جنيد صفدر جي پهرين شادي ختم ٿيڻ کان پوءِ شريف خاندان رشتو گهريو، جنهن تي صلاح مشوري کان پوءِ رضامندي ڏني وئي.
ياد رهي ته جنيد صفدر جي پهرين شادي 2021 ۾ عائشه سيف سان ٿي هئي، جيڪا گهڻو عرصو نه هلي ۽ ٻنهي جي وچ ۾ آڪٽوبر 2023 ۾ عليحدگي ٿي وئي۔

