ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايس پي ملير راؤ انوار ۽ ٻين جي بريت خلاف اپيل تي ٻڌڻي، اپيل ڪندڙ جي وڪيل جي غيرحاضري سبب، ملتوي ڪري ڇڏي۔
هاءِ ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي اپيلن تي ٻڌڻي ٿي، جتي راؤ انوار جي وڪيل عامر منسوب ايڊووڪيٽ موقف پيش ڪيو ته مدعي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ اپيل داخل ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ متاثر شخص يا سندس قانوني وارث اپيل داخل ڪري سگهن ٿا۔
اپيل ۾ ٻين کي به ڌر بڻايو ويو آهي، پر نوٽيس صرف اسان کي جاري ڪيو ويو۔ اپيل جي جزوي ٻڌڻي ٿي چڪي آهي، ان کي لاڳاپيل بينچ ڏانهن موڪليو وڃي۔ عدالت ريمارڪس ڏنا ته ايڊمشن نوٽيس ٿي چڪا آهن ۽ روسٽر مطابق ئي بينچ اپيل جي ٻڌڻي ڪندو۔
عدالت اپيل ڪندڙ جي وڪيل جي غيرحاضري سبب ٻڌڻي 5 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي۔
هي اپيل مقتول نقيب الله جي ڀاءُ عالم شير طرفان داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته انسداد دهشتگردي جي خاص عدالت اهم شاهديون نظرانداز ڪري راؤ انوار سميت ٻين ملزمان کي بري ڪيو هو۔
انسداد دهشتگردي جي عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي۔ ياد رهي ته عدالت 2023 ۾ عدم شاهدي سبب راؤ انوار سميت 18 ملزمان کي بري ڪيو هو۔

