ٽرمپ ايران تي مختصر پر فيصلائتو حملو ڪرڻ چاهي ٿي: آمريڪي ميڊيا

Homeاهم خبرٽرمپ ايران تي...

واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ٽي وي صدر ٽرمپ جي ايران تي زور دار حملو ڪرڻ جي امڪان جو اظهار ڪيو آهي۔ مغربي ملڪن ايران مان پنهنجا شهري ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، آمريڪي فوجي اڏن تي نفري ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ايران جي پرڏيهي وزير ملڪ ۾ امن ۽ امان جو يقين ڏياريو آهي۔

آمريڪي ٽي وي موجب صدر ٽرمپ ايران تي زور دار ۽ فيصلائتو حملو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هو ڊگهي جنگ بدران مختصر پر فيصلائتي ڪارروائي جا خواهشمند آهن۔

ايران پنهنجي هوائي حدون بند ڪرڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ جزوي طور بحال ڪيون، جڏهن ته پرڏيهي وزير چيو ته ملڪ ۾ امن قائم آهي، ماڻهن کي ڦاسي ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، مظاهرين کي سخت سزائون ڏيڻ جا الزام بي بنياد مغربي پروپيگنڊا آهن۔

عباس عراقچي جي تنبيهه

ايراني پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته جون جهڙي غلطي ٻيهر نه ورجائجي، نه ته ساڳيو نتيجو نڪرندو جيڪو اڳ نڪتو هو۔ هن چيو ته اسان جو عزم بمباري سان نٿو ٽوڙي سگهجي. مظاهرن ۾ شامل عنصرن کي ٻاهرين ملڪ کان ڪنٽرول ڪيو پئي ويو، ڪجهه مظاهرين پوليس تي فائرنگ ڪئي، داعش طرز جون دهشتگرداڻيون ڪارروايون ٿيون ۽ پوليس اهلڪارن کي زنده ساڙيو ويو۔

اسرائيل ۾ دفاعي تياريون

اسرائيلي ميڊيا موجب آرمي چيف فوري دفاعي تيارين جو حڪم ڏنو آهي، اتر اسرائيل سميت مختلف علائقن ۾ بم شيلٽر کوليا ويا آهن۔ اسرائيل کي اميد آهي ته آمريڪا ايران تي حملن کان اڳ وارننگ ڏيندو۔

برطانوي خبر ايجنسي موجب آمريڪا ايران ۾ 50 هدف نشانو بڻائي سگهي ٿو، جن ۾ پاسداران انقلاب جو هيڊڪوارٽر ۽ فوج جا 23 اڏا شامل آهن۔

ايران جي تنبيهه

آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجن فوجي اڏن مان ڪجهه اهلڪار واپس گهرايا آهن، ڇو⁠تہ ايران پاڙيسري ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته خطي ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏا نشانو بڻايا ويندا۔ قطر به تصديق ڪئي آهي ته العُديد ايئربيس مان عملي ۾ گهٽتائي علائقائي تڪرار سبب ڪئي پئي وڃي۔

مغربي فوجي عملدارن موجب سڀ اشارا ڏيکارين ٿا ته آمريڪي حملو جلد ٿي سگهي ٿو، ٻن يورپي عملدارن چيو ته فوجي مداخلت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هڪ اسرائيلي عملدار موجب لڳي ٿو صدر ٽرمپ فيصلو ڪري چڪا آهن۔

رضا پهلوي بابت ٽرمپ جو اظهارِ عدم اعتماد

صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ رهندڙ 65 ورهين جي رضا پهلوي بابت چيو ته هو سٺو لڳي ٿو پر خبر ناهي ته پنهنجي ملڪ ۾ ڪيئن ڪارڪردگي ڏيکاريندو۔ هن چيو ته اڃا اسان ان مرحلي تي پهتا ئي نه آهيون، ۽ جيڪڏهن ملڪ انهن کي قبول ڪري ته مونکي ڪو اعتراض نه هوندو۔

هوائي اُڏامون ۽ هوائي حدون

جرمن ايئرلائن اسرائيل لاءِ رات جون اڏامون 19 جنوري تائين بند ڪري ڇڏيون آهن، ايئر انڊيا به ايران جي هوائي حدن جو استعمال بند ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني اختيارين موجب ايران جي هوائي حدن جي بندش سان پاڪستاني اُڏامون متاثر نه ٿينديون۔

ايران مان پرڏيهين جي منتقلي

ايران ۾ سيڪيورٽي صورتحال سبب آمريڪا ۽ برطانيا کان پوءِ اسپين، پولينڊ ۽ اٽلي به پنهنجن شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ اٽلي جي پرڏيهي وزارت موجب ايران ۾ لڳ ڀڳ 600 اطالوي شهري موجود آهن، جن مان گهڻا تهران ۾ رهن ٿا۔ بيان ۾ چيو ويو ته سيڪيورٽي صورتحال جي پيش نظر ايران مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪريو۔ پولينڊ جي وزارتِ خارجہ به سماجي ميڊيا پليٽفارم ’ايڪس‘ تي پنهنجي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ برطانيا پنهنجو سفارتي عملو واپس گهرايو ۽ ايران مان سفير کي به واپس گهرايو۔

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});