ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري گلوڪار سانول عيسيٰ خيلوي پنهنجي والد سان گڏجي 70ع جي ڏهاڪي جو مشهور گيت بي وفا نئين انداز ۾ ريليز ڪيو آهي. رپورٽن موجب هي گيت پنهنجي وقت ۾ وڏي مقبوليت ماڻي چڪو هو ۽ هاڻي ان کي جديد موسيقي سان ٻيهر پيش ڪيو ويو آهي.
سانول عيسيٰ خيلوي جو چوڻ آهي ته والد سان گڏ ڳائڻ سندس لاءِ فخر جو لمحو آهي، ڇو ته هي گيت نه صرف موسيقي جي تاريخ ۾ اهم حيثيت رکي ٿو پر خاندان جي يادگارن سان به جڙيل آهي. نئين ورزن ۾ موسيقي کي جديد سازن ۽ ريڪارڊنگ ٽيڪنالاجي سان ترتيب ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اصل دھن ۽ جذبات کي برقرار رکيو ويو آهي.
مداحن طرفان هن نئين پيشڪش کي وڏي پذيرائي ملي رهي آهي ۽ ڪيترن ئي موسيقي شائقن ان کي ماضي جي يادگارن کي تازو ڪرڻ جو ذريعو قرار ڏنو آهي.

