نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادوو بالي ووڊ اداڪاره خوشي مکھرجي خلاف هتڪِ عزت جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن 100 ڪروڙ رپين جو هرجاڻو طلب ڪيو آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، هي قانوني قدم ان وقت کنيو ويو جڏهن سوشل ميڊيا تي خوشي مکھرجي جو هڪ تڪراري بيان وائرل ٿيو. اداڪاره دعويٰ ڪئي هئي ته سوريا ڪمار يادوو کيس اڪثر ذاتي پيغامن ذريعي رابطو ڪندو هو.
سوريا ڪمار يادوو جي قانوني ٽيم هن الزام کي مڪمل طور تي بي بنياد، ڪوڙو ۽ سندس شهرت کي نقصان پهچائڻ وارو قرار ڏنو. وڪيلن جو چوڻ آهي ته هن دعويٰ جي حق ۾ ڪو به ثبوت موجود ناهي، ۽ اهڙا اڻ تصديق بيان ڪنهن به عوامي شخصيت جي ذاتي ۽ پيشيوراڻي زندگيءَ تي گهڻا اثر وجهي سگهن ٿا.
قانوني ٽيم وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته مشهور شخصيتن کي نشانو بڻائي بنا ثبوت الزام هڻڻ نه رڳو غير ذميواراڻو عمل آهي، پر عوام ۾ غلط تاثر به پيدا ڪري ٿو. اهڙي صورتحال ۾ قانوني ڪارروائي ڪرڻ لازمي ٿي وئي آهي.

