ڪابل(ويب ڊيسڪ) بي بي سي جي هڪ تفصيلي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي اعليٰ قيادت اندر سخت اختلاف ۽ ڌڙا بندي موجود آهي. رپورٽ موجب طالبان جي سربراهه شيخ هيبت الله اخوندزادہ جو وفادار ڌڙو ملڪ کي هڪ سخت گير اسلامي امارت ڏانهن وٺي وڃڻ جو خواهشمند آهي.
بي بي سي مطابق شيخ هيبت الله اهڙي نظام جا حامي آهن جتي سندس وفادار عالم عوامي ۽ نجي زندگيءَ جي هر شعبي تي مڪمل ڪنٽرول رکن. هو گهڻو ڪري قندھار ۾ رهائش پذير آهن ۽ محدود نظرياتي شخصيتن سان گڏجي اهم فيصلا ڪن ٿا، جڏهن ته ڪابل ۾ موجود حڪومت کي اڪثر نظرانداز ڪيو وڃي ٿو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شيخ هيبت الله اندروني اختلافن کان خوفزده آهن ۽ ناقدين کي سزائن، برطرفين يا اختيارن کان محروم ٿيڻ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. بي بي سي مثال ڏيندي چيو ته 2017 ۾ هن پنهنجي پٽ کي خودڪش حملو ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، جيڪا سندس شدت پسند سوچ جي عڪاسي ڪري ٿي.
بي بي سي موجب طالبان حڪومت جا گهڻا حڪم قندھار مان جاري ٿين ٿا ۽ ڪابل جا وزير انهن تي عمل ڪرڻ جا پابند آهن. ڪيترن وزيرن کي شيخ هيبت الله سان ملاقات لاءِ ڏينهن يا هفتن تائين انتظار ڪرڻو پوي ٿو، جڏهن ته اهم کاتا، هٿيارن جي ورهاست ۽ فيصلن جو مرڪز آهستي آهستي ڪابل کان قندھار منتقل ٿي رهيو آهي.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شيخ هيبت الله پنهنجي وفادار سيڪيورٽي فورسز به ٺاهي رهيا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن سينيئر وزيرن کي نظرانداز ڪندي سڌو جونيئر سرڪاري آفيسرن کي حڪم ڏين ٿا.
بي بي سي موجب عورتن جي تعليم، عوامي زندگيءَ ۾ شموليت، پارڪن، بيوٽي سيلونز، بنا محرم سفر ڪرڻ ۽ اونچي آواز ۾ ڳالهائڻ تي پابنديون به شيخ هيبت الله جي حڪمن تي لاڳو ڪيون ويون.
ٻئي پاسي طالبان اندر هڪ ٻيو ڌڙو به موجود آهي، جنهن جي اڳواڻي عبدالغني برادر، ملا يعقوب ۽ سراج الدين حقاني ڪري رهيا آهن. بي بي سي موجب هي “ڪابلي ڌڙو” شيخ هيبت الله جي سخت پاليسين کان ناخوش آهي ۽ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا عالمي برادري لاءِ قابلِ قبول هجي.
رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سيپٽمبر 2025 ۾ شيخ هيبت الله جي حڪم تي ملڪ ۾ انٽرنيٽ بند ڪيو ويو هو، پر ڪابلي ڌڙي ان حڪم جي خلاف ورزي ڪندي ٽن ڏينهن اندر انٽرنيٽ بحال ڪري ڇڏيو. بي بي سي موجب سراج الدين حقاني هڪ طاقتور ڪمانڊر آهن ۽ هو ڪيترن موقعن تي شيخ هيبت الله جي پاليسين تي کلي تنقيد ڪري چڪا آهن.

