ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان 8 فيبروري تي ملڪ گير پيهه جام هڙتال ۽ يومِ سياه ملهائڻ جو اعلان ڪندي عوام کان گڏ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي، وائس چيئرمين سينيٽر علامه راجه ناصر عباس، سيڪريٽري جنرل اسد قيصر ۽ ٻين اڳواڻن محمد زبير جي گهر تي آجياڻي کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪئي۔
محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان بحرانن ۾ گهيريل آهي، جيڪي اندروني طور تي پيدا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪ جا ڪيترائي ادارا نوڪر جو ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اسان جي فوج دنيا جي بهترين فوج آهي جنهن کانسواءِ ملڪ نه ٿو هلي سگهي، پر غلط پاليسين جي ڪري ملڪ فاقن ڏانهن وڌي رهيو آهي.
هن چيو ته هڪ وڏي پارٽي کان ان جو نشان کسي ورتو آهي ۽ ملڪ جي وڏي جماعت جو اڳواڻ جيل ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدي جو دورو ڪراچي ڪامياب رهيو، اسان ظلم ختم ڪرڻ لاءِ آيا آهيون، اسان سان گڏ هلو.
محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان هن ملڪ لاءِ وڙهيا آهيون، باجوڙ کان خيبر تائين حالتون بهتر ناهن. افغانستان علاقي جي دل آهي، ان مسئلي کي زميني حقيقتن سان ڏسندي حل ڪرڻ گهرجي. مسئلن جو حل طاقت نه پر ڳالهه ٻولهه آهي.
هن چيو ته اسان ادارن جي چوڻ تي نه ٿا هلون ڇو ته اقتدار وارا ماڻهو نه آهيون. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان آئين جي حفاظت لاءِ ٺاهي وئي آهي، اها پهرين تنظيم آهي جيڪا ادارن جي چوڻ تي نه ٺهي آهي. اسان کي اندازو هو ته حڪومت آئين تي حملو ڪندي۔ هي تحريڪ ڪنهن جي دشمني ۾ نه ٺاهي وئي آهي.
محمود خان اچڪزئي چيو ته اصل پي ڊي ايم لنڊن ۾ ٺهي رهي هئي، ۽ پي ڊي ايم جي وقت چيو هو ته ڪنهن کي هٽائڻ ۾ شامل نه ٿيندس. هن چيو ته هن بربادي خلاف اسان کي نڪرڻو پوندو، فضل الرحمان به جلد اسان سان شامل ٿيندو.
هن چيو ته حڪمرانن کان گلا آهي ته کين حڪمراني جو طريقو نه ٿو اچي. نوازشريف ٻڌي رهيا هوندا، هن هڪ ڪميٽي ٺاهي هئي جنهن متفقه فيصلو ڪيو هو ته جيڪي افغان هتي پيدا ٿيا آهن، کين شهريت ڏني وڃي.
محمود خان اچڪزئي چيو ته پاڪستان ڏنڊن سان نه هلندو. وزيرستان کي پنهنجو سمجهو، دل سان لڳايو ته مسئلا حل ٿيندا۔ هن سوال ڪيو ته مدرسن کي دهشتگردي ۾ ڪنهن تبديل ڪيو؟ حالتن جي خرابي جو ذميوار مان ته نه آهيان؟ وينزويلا ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، عالمي حالتون تبديل ٿي رهيون آهن، ان تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺو.
هن چيو ته پارليامينٽ جو اجلاس گهرائجي، سڀني ادارن جو گڏيل اجلاس گهرائجي، اچو اجتماعي دانش سان ملڪ کي مسئلن مان ٻاهر ڪڍون. اپوزيشن ليڊر ۽ نوازشريف بابت سوال جو جواب قومي اسيمبلي ۾ ڏيندس، جڏهن ته حڪومت سان ڳالهين بابت سوال جو جواب اسلام آباد ۾ ڏيندس.
هن چيو ته ليڊر ايجاد نٿا ڪري سگهجن. هن ٻڌايو ته اسد قيصر کي چيو هو ته آصف زرداري خلاف مان اليڪشن وڙهندس، صدارتي اليڪشن ۾ هڪ ووٽ به نه وڪاميو.
محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون سڀ جماعتون پنج ڇهه نقطن تي متفق ٿين، پوءِ دستخط ڪريو، باني پي ٽي آءِ کان مان ڪرائيندس ۽ قومي حڪومت ٺاهي ويندي.
اسد قيصر چيو ته باني پاڪستان ملڪ ۾ آئين جي بحالي جي جنگ ڪري رهيا آهن۔ 8 فيبروري تي ملڪ ۾ پيهه جام هڙتال ۽ احتجاج ٿيندو، عوام پنهنجو ووٽ جو حق طلب ڪري۔
سينيٽر راجه ناصر عباس چيو ته تحريڪ تحفظ پاڪستان جو وفد ڪراچي آيو آهي۔ 1973 جو آئين سڀني اکائين کي گڏ ڪري ٿو، ملڪ سياسي ۽ اقتصادي بحران ۾ آهي۔
هن چيو ته ايندڙ عام چونڊون شفاف ٿيڻ گهرجن، ملڪ جا حڪمران ۽ پارليامينٽ ۾ اصل نمائندا موجود ناهن۔ عدليه آزاد ناهي۔ جنهن پارٽي کي وڌيڪ ووٽ مليا، ان کي سزا ڏني وئي آهي.

