مٺي (رپورٽر) مٺي ۽ ٿرپارڪر جي علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن جي شدت ريڪٽر اسڪل تي 4.1 رڪارڊ ڪئي وئي.
زلزلي جو وقت رات جو 1 وڳي 22 منٽ ٻڌايو ويو، جڏهن ته زلزلي جي کوٽائي تمام گهٽ، لڳ ڀڳ 12 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جو مرڪز مٺي کان لڳ ڀڳ 80 ڪلوميٽر پري ٻڌايو پيو وڃي.
جھٽڪا مٺي سان گڏ ٿرپارڪر ضلعي جي ٻين علائقن ۾ به محسوس ڪيا ويا، پر خوشقسمتيءَ سان ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪا اطلاع ناهي ملي.

