ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ کان پوءِ ڏکڻ ايشيا ۾ پاڻيءَ جي سياست نئون رخ اختيار ڪري وئي آهي. آمريڪي رسالي دي نيشنل انٽرسٽ پنهنجي رپورٽ ۾ واضح ڪيو آهي ته ڀارت جو قدم علائقي ۾ وڌيڪ تڪرار ۽ ڇڪتاڻ پيدا ڪندو.
سندھ طاس Indus Waters Treaty معاهدي خلاف ڀارتي قدمن تي آمريڪي رسالي پاران پاڪستان جي حمايتhttps://t.co/8V275U3Hw7#IndusWatersTreaty pic.twitter.com/Z4OnvhXDOh
— Daily Misal News (@dailymisalnews) January 17, 2026
رپورٽ موجب ڀارت جو دُلہستي اسٽيج-II منصوبو سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي آهي ۽ ڀارت پاڻي کي اسٽرٽيجڪ هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. رسالي خبردار ڪيو آهي ته پاڻيءَ جو بحران ڏکڻ ايشيا ۾ وڏو انساني خطرو بڻجي سگهي ٿو.
دي نيشنل انٽرسٽ وڌيڪ چيو ته ڀارت پاران پاڻي ڊيٽا جي فراهمي روڪڻ بين الاقوامي قانونن جي خلاف ورزي آهي. عالمي ثالثي عدالت اڳ ئي واضح ڪري چڪي آهي ته ڀارت معاهدي کي هڪطرفي طور معطل نٿو ڪري سگهي.
ماهرن جي راءِ آهي ته سنڌ طاس معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ خوراڪ جي سلامتي لاءِ بنيادي ضمانت آهي، ۽ ڀارت تي قانوني طور لازم آهي ته مغربي دريائن جو پاڻي پاڪستان کي مهيا ڪري.
آمريڪي رسالي جي تجزيي ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي ڀارتي ڪوشش عالمي عدالتن ۽ عالمي قانون جي نظر ۾ قبول جوڳو ناهي، جنهن سان علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي شديد خطرا ٿي سگهن ٿا.

