ڪراچي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارن سان جنسي زيادتي ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتاري

Homeاهم خبرڪراچي ۾ 100...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي ٻارن سان جنسي زيادتي ۾ ملوث ٻن خطرناڪ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس جي جاچ موجب گرفتار ٿيل جوابدار عمران ۽ وقاص خان 2020 کان 2025 تائين سو کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي جا واقعا ڪري چڪا آهن.

ايس پي انويسٽيگيشن عثمان سدوزئي ٻڌايو ته متاثر ٻار جي نشاندهي تي ٽيپو سلطان ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. پوليس کي گذريل ڇهن سالن دوران مختلف ضلعن مان 7 شڪايتون مليون هيون، جن ۾ ڊي اين اي جا نمونا هڪ ئي شخص سان ملندڙ هئا. سڀني ڪيسن ۾ 12 کان 13 سالن جا ٻار نشانو بڻايا ويا.

پوليس موجب گرفتار مرڪزي جوابدار عمران منظور ڪالوني جو رهواسي آهي ۽ پنڪچر جو ڪم ڪندو آهي. عمران اعتراف ڪيو آهي ته هن ڪيترن ئي ٻارن کي ملير ندي جي ويجهو وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو. هو موٽرسائيڪل تي ٻارن کي لالچ ڏئي ساڻ وٺي ويندو هو.

جاچ ۾ ظاهر ٿيو ته ٽي ڪيسن ۾ ٻارن عمران کي سڃاتو، جڏهن ته هڪ ڪيس ۾ ٻار عمران ۽ وقاص ٻنهي کي سڃاتو. هڪ واقعي ۾ ٻار جي رڙين تي جوابدار فرار ٿي ويا هئا.

وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه گرفتاري تي پوليس کي شاباش ڏيندي چيو ته ٻارن سان زيادتي جا ڪيس ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته جوابدارن خلاف شاهدين جي بنياد تي ڪيس عدالت ۾ داخل ڪيو وڃي ۽ کيس روزاني بنياد تي اڳڀرائي رپورٽ ڏني وڃي.

مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت لاءِ ٻارن جو تحفظ سڀ کان اهم آهي، اهڙن ڏوهارين لاءِ شهر ۾ ڪا جاءِ نه آهي. پوليس کي هدايت ڪئي وئي آهي ته باقي متاثرن کي به سامهون آندو وڃي ۽ جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ مڪمل قدم کنيا وڃن.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});