اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن چيو آهي ته جنهن طريقي سان سنڌ حڪومت ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، اهو ئي طريقو ٻين صوبن کي به اختيار ڪرڻ گهرجي. نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته ملڪ ۾ سياست جو مقصد هڪ ٻئي تي تنقيد ڪرڻ نه هجڻ گهرجي، پر مثبت ڪم کي اجاگر ڪرڻ گهرجي.
شرجيل ميمن وضاحت ڪئي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻه ڏينهن اڳ ايوان صدر ۾ سنڌ جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني، جنهن تي ڪجهه ماڻهن تنقيد ڪئي. هن چيو ته ايوان صدر سڀني جو آهي ۽ اتي مختلف ادارن جون تقريبون ٿينديون رهن ٿيون، تنهن ڪري راڻا ثنا الله جي تنقيد مناسب نه هئي.
هن ٻڌايو ته بريفنگ ۾ سائبر نائف جي منصوبن تي روشني وڌي وئي، جيڪا دنيا جي صرف 11 ملڪن ۾ موجود آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سنڌ حڪومت هي سهولت مفت فراهم ڪري رهي آهي. هن زور ڏنو ته دنيا کي ڄاڻڻ گهرجي ته پاڪستان اهڙي قسم جون جديد طبي سهولتون ڏئي رهيو آهي.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته بلاول ڀٽو ٻوڏ دوران اعلان ڪيو هو ته بي گهر ماڻهن کي گهر ڏنا ويندا، ۽ هاڻي سنڌ حڪومت 21 لک گهر تعمير ڪرڻ وڃي رهي آهي. هن چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بهترين مثال سنڌ حڪومت فراهم ڪئي آهي، جتي 2.9 ملين ماڻهن جو مفت علاج ڪيو ويو آهي ۽ اسپتالن ۾ ڪنهن کان ڊوميسائل نه پڇيو ويندو آهي.
شرجيل ميمن ٻڌايو ته ٿر ڪول ۾ هڪ ارب ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن، جتي ملڪ جا سڀ کان وڏا ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. ٿرپارڪر مان پيدا ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي پئي وڃي، جنهن سان سڄي پاڪستان کي فائدو ملي رهيو آهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو جي بريفنگ کي سفارتڪارن ۽ بزنس ڪميونٽي ساراهيو، ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهڙي قسم جو ايونٽ ايون صدر ۾ ٿيو. هن زور ڏنو ته اهڙيون بريفنگون بيرون ملڪن ۾ به ٿيڻ گهرجن ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته پاڪستان وٽ قدرتي وسيلن جي دولت موجود آهي.
وزير اطلاعات سنڌ وڌيڪ چيو ته وزيراعليٰ خيبرپختونخوا کي سنڌ ۾ خوش آمديد چيو ويو ۽ کين آئيني عهدو مطابق عزت ڏني وئي. ڪجهه سيڪيورٽي خدشن تي عمل ڪرڻ ضروري هو، پر کين ڪنهن به ڪم کان روڪيو نه ويو.

