اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کنڊ 70 روپيه في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Homeاهم خبراسلام آباد هاءِ...

اسلام آباد: (بيورو)  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي انڪوائري ڪميشن  جي رپورٽ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران  سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهن جي لاءِ کنڊ 70  روپيه في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس اطهر من الله کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي  جاچ ڪميشن جي رپورٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

شوگرملز ايسوسيئيشن جي وڪيل  علي خان عدالت جي آڏو پنهنجي دليلن ۾ چيو ته آئين ۾ وفاق ۽ صوبن جي اختيارن جو ڌار ڌار ذڪر موجود آهي. فيبروري ۾ ڪارروائي جي لاءِ ايڊهاڪ ڪميٽي ٺاهي وئي. ڪميٽي وفاقي حڪومت کي لکيو آهي ته ڪميشن کي قانوني تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ان جي لاءِ ڪميٽي کي ڪميشن ۾ تبديل ڪيو وڃي. جيئن ڪميشن تجويز ڏني هئي  تيئن ئي ڪميشن بڻجي ويو. جاچ ڪميشن شوگرملز جي فرانزڪ آڊٽ جي لاءِ وفاقي حڪومت کي لکيو.ڪميشن 324 صحفن جي رپورٽ ۾ تمام گهڻا سبب بيان ڪيا آهن. ڪميشن پنهنجي ٽي او آر کان ٻاهر وڃي ڪارروائي ڪئي. خاص معاون ۽ ٻين وزيرن جي ذريعي اسان جو ميڊيا ٽرائل ڪيو پيو وڃي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته کنڊ عام ماڻهو جي ضرورت آهي. حڪومت کي به ان حوالي سان ئي قدمن کڻڻ گهرجن. عام ماڻهو جو بنيادي حق آهي. 30 سيڪڙو کنڊ عام ماڻهن جي لاءِ هوندي آهي جنهن مقصد جي لاءِ ڪميشن ٺاهيو ويو هو ان تي عمل نه ٿيو. ڪميشن کي عام ماڻهو لاءِ کنڊ جي سهوليت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻو هو پر اهو نه ڪيو ويو. حڪومت يوٽيلٽي اسٽورن تي به سبسيڊيائز کنڊ 80 روپيه ڪلو وڪرو ڪري رهي آهي. هتي عام ماڻهو جو سوال سامهون آيو آهي پر اهو سوال ڪنهن اٿاريو ئي ناهي. جيڪڏهن ڪميشن عام ماڻهو کي کنڊ جي دستيابي جي حوالي سان ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ هنن ڪيو ڇا آهي.؟

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي پڇاڻي تي مخدوم علي خان ٻڌايو ته نومبر 2018 ۾ کنڊ جا اگهه 53 روپيه هئا، جنهن تي جسٽس اطهر من الله چيو ته 2 سالن ۾ کنڊ جي قيمت 53 کان 85  روپيه في ڪلو ٿي وئي. کنڊ غريب ماڻهو جي ضرورت آهي. عام ماڻهو اهڙن فيصلن سان ڇو متاثر ٿي رهيو آهي.؟  اها شيءَ ڪميشن کي نوٽ ڪرڻ گهرجي ها. ڪميشن عام ماڻهو جي سهوليت لاءِ ڪابه فائنڊنگ ناهي ڏني. کنڊ هڪ مزدور جي ضرورت آهي پر هي ڪوڪاڪولا تي سبسڊي ڏئي رهيا آهن. عام ماڻهو کي بنيادي حق ڇو نه پيا ڏنا وڃن

.چيف جسٽس اطهر من الله مخدوم علي خان کان پڇاڻو ڪيو ته هي عدالت عام طور تي ايگزيڪٽو جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي آهي. اسان حڪومت کي نوٽيس موڪلي پڇي ٿا وٺون. پر اوهان ان وقت تائين 70 روپيه ڪلو کنڊ وڪرو ڪريو. اوهان کي شرط منظور آهي ته اسان ايندڙ ٻڌڻي تائين حڪومت کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيون ٿا. ان حوالي سان چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايڊيشنل اٽارني جنرل کان  پڇاڻو ڪيو ته وفاق عدالت جي آپشن جي مخالفت ڪندو.؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق چيو ته حڪومت ان جي مخالفت نه ڪندي.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تائين سڄي ملڪ ۾ عام ماڻهو جي لاءِ کنڊ 70 روپيه في ڪلو وڪرو ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شوگر ملز ايسوسيئيشن جي حق ۾ مشروط حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس کي ڪيس 10 ڏينهن کان پوءِ ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڏيندي ڪابينه ڊويزن جي سيڪريٽري، گهروسيڪريٽري، وزيراعظم جي خاص معاون مرزا شهزاد اڪبر، ڊي جي ايف آءِ اي،  ڊي جي اينٽي ڪرپشن پنجاب، ڊپٽي ڊائريڪٽر آءِ بي، ايس اي سي پي، اسٽيٽ بينڪ ۽ ايف بي آر جي ڊي جي انويسٽيگيشن اينڊ انٽيليجنس کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});