اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ چيف آف آرمي اسٽاف، چيو آهي ته مضبوط، پيشيور ۽ عوام دوست پوليس داخلي سلامتي ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ ضروري آهي۔
آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل بيان موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نيشنل پوليس اڪيڊمي اسلام آباد جو دورو ڪيو، جتي هن پوليس سروس آف پاڪستان جي آفيسرن سان ملاقات ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔ ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير ۽ وزيرِ گهرو معاملن وارو مملڪتي وزير پڻ موجود هو۔
نيشنل پوليس اڪيڊمي پهچڻ تي ڪمانڊنٽ اڪيڊمي فيلڊ مارشل جو زبردست استقبال ڪيو، جڏهن ته چاق و چوبند پوليس دستي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو۔ فيلڊ مارشل پوليس شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه پڙهي، شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪئي۔
فيلڊ مارشل چيو ته پوليس اهلڪار دهشتگردي، ڏوهه ۽ داخلي سلامتي جي چيلنجز جو مقابلو ڪندي عظيم قربانيون پيش ڪيون آهن، جيڪي قوم لاءِ فخر جو سبب آهن۔ انهيءَ دوران کيس پوليس جي تربيت، جديديت ۽ تعداد وڌائڻ بابت بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ شيلڊ پروگرام پڻ شامل هو۔
فيلڊ مارشل ڪيڊٽ اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽس آف پوليس(اي ايس پيز) سان ملاقات ڪندي چيو ته پوليس شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ ۾ پهرين دفاعي لائن آهي۔ هن اداري جو تعاون، جديد پوليسنگ طريقن ۽ عوامي اعتماد جي اهميت تي زور ڏنو۔
هن وڌيڪ چيو ته امن و امان جو قيام هڪ مقدس ذميواري آهي ۽ هٿياربند فواج پاڪستان جي بهادر پوليس اهلڪارن سان شانه بشانه بيٺل آهن۔
بيان موجب، سينيئر پوليس قيادت پوليسنگ جي معيار کي بهتر بڻائڻ، پيشه پيشيوراڻي صلاحيت وڌائڻ ۽ موجوده سلامتي چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري اداراجاتي سڌارن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو۔

