لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور رنگ روڊ تي گاڏي جي چيڪنگ دوران شهري کان رشوت وٺندڙ پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب ٿاڻو راوي روڊ ۾ مقرر اهلڪار عبدالرحمان شهري کان رشوت ورتي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته اهلڪار رشوت جي رقم وڌائڻ جو مطالبو ڪري ٿو ۽ بسم الله پڙهي پئسا کيسي ۾ وجهي ٿو، ساڳئي وقت شهري کي گاڏي جا ڪاغذ گڏ رکڻ جي هدايت به ڪري ٿو.
وڊيو وائرل ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران نوٽيس وٺي اهلڪار عبدالرحمان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڊي آءِ جي چيو ته ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال خلاف پوليس ۾ زيور ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي.

