ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپر هاءِ وي تي واقع نيو سبزي منڊي ۾ باهه لڳي وئي. شروعاتي اطلاعن موجب باهه منڊي جي شيڊز ۾ لڳي، جنهن جي اطلاع ملندي ئي ڪي ايم سي جي فائربريگيڊ ٽيم فوري طور رواني ڪئي وئي.
فائربريگيڊ جي عملدارن موجب ڪجهه وقت بعد باهه تي قابو پايو ويو. خوشقسمتي سان واقعي ۾ ڪنهن به قسم جو جاني نقصان رپورٽ نه ٿيو.

