ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وزير بلديات سيد ناصر حسين شاه جي صدارت ۾ پيپلز پارٽي جي ٽائون چيئرمينن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گل پلازه سانحي ۾ فوت ٿيلن لاءِ دعاءِ مغفرت ڪئي وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات، ڊي جي سنڌ بلڊنگ، پي ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ ۽ ٻين ادارن جا سربراهه به موجود هئا.
ناصر حسين شاه چيو ته هو سڀني سياسي جماعتن جي ٽائون چيئرمينن سان پاڻ ملاقات ڪري رهيو آهي ۽ ٽائون ۽ يوسي چيئرمينن جي شڪايتن جو فوري خاتمو ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چاهين ٿا ته سڀئي چونڊيل ادارا عوام جي در تائين پهچ حاصل ڪن.
وزير بلديات چيو ته صوبائي حڪومت جي پهرين ترجيح عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ آهي. هن زور ڏنو ته ٽائون ۽ ادارن جي وچ ۾ بهتر ڪوآرڊينيشن يقيني بڻايو وڃي. نالن جي اندر ديوارن جي تعمير ۽ صفائي سٿرائي لاءِ مشينري ۽ عملو فوري طور تي مقرر ڪيو ويندو.
ناصر شاه هدايت ڪئي ته ٽائون ۽ يوسي چيئرمين تعميراتي منصوبن جي پاڻ نگراني ڪن. هن ٻڌايو ته وائس چيئرمينن جي اختيارت ۾ اضافي لاءِ قانون سازي ڪئي پئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته پراپرٽي ٽيڪس جو اختيار ٽائون وٽ آهي، تنهن ڪري چيئرمينن کي پنهنجي ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. ناصر شاه اعلان ڪيو ته ٽائون جي بهترين ڪارڪردگي تي ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت طرفان اضافي ترقياتي فنڊ مهيا ڪيا ويندا.

