امريڪي جنگي جهاز گرين لينڊڇو پهتا؟ اصل سبب جي خبر پئجي وئي

Homeاهم خبرامريڪي جنگي جهاز...

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪين ۽ گرين لينڊ تي آمريڪي جهنڊو لهرائڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيڻ کان پوءِ هاڻي آمريڪي فوجي جهازن جي گونج گرين لينڊ جي آسمانن تي ٻڌي پئي وڃي.

عالمي خبرن موجب آمريڪي جنگي جهاز گرين لينڊ ۾ واقع آمريڪي فوجي اڏي ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي گڏيل دفاعي اداري نارتھ اميريڪن ايئرو اسپيس ڊفينس ڪمانڊ (NORAD) پنهنجي بيان ۾ تصديق ڪئي آهي ته گرين لينڊ ۾ آمريڪي جهازن جي تعينات جو عمل شروع ٿي ويو آهي.

نوراڊ وضاحت ڪئي ته هي مقرري اڳواٽ طئي ٿيل دفاعي منصوبي جو حصو آهي ۽ گرين لينڊ جي حڪومت کي ان بابت اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو. اداري موجب ڊنمارڪ حڪومت سان مڪمل هم آهنگي موجود آهي ۽ آمريڪي فورسز کي سڀ ضروري سفارتي اجازت ناما حاصل آهن.

دفاعي اختيارين مطابق اهي جهاز اتر آمريڪا جي دفاع ۽ معمول جي نگراني واري سرگرمين ۾ حصو وٺندا.

صدر ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ ناروي جي وزيراعظم يوناس گاهر اسٽوري کي چيو هو ته جيستائين آمريڪا کي گرين لينڊ تي مڪمل ڪنٽرول حاصل نه ٿيندو، عالمي سلامتي کي خطرا رهندا. هن کان اڳ ٽرمپ ڊنمارڪ تي الزام لڳائي چڪو آهي ته هو گرين لينڊ بابت روسي خطري کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

ٻئي طرف ڊنمارڪ ۽ گرين لينڊ پنهنجي موقف کي ٻيهر واضح ڪيو آهي ته سندن زمين نه وڪري لاءِ آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٻئي ملڪ جي حوالي ڪري سگهجي ٿي. ٻنهي ڌرين آمريڪي دعوائن کي رد ڪندي ڊنمارڪ جي خودمختياري ۽ گرين لينڊ جي خودمختيار حيثيت جي تصديق ڪئي آهي.

ياد رهي ته گرين لينڊ دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ آهي، جيڪو ڊنمارڪ جي بادشاهي اندر هڪ خودمختيار علائقو آهي. 1951ع ۾ آمريڪا ۽ ڊنمارڪ جي وچ ۾ دفاعي معاهدو ٿيو، جنهن تحت آمريڪا گرين لينڊ جي حفاظت جي ذميواري ورتي. ان کان پوءِ 1958ع ۾ آمريڪا ۽ ڪينيڊا نوراڊ نالي دفاعي معاهدو ڪيو، جنهن جو مقصد ميزائلن جي بروقت نشاندهي ۽ اتر آمريڪا جو فضائي دفاع هو.

گرين لينڊ ۾ واقع پٽوفڪ اسپيس بيس (سابقه ٿوليه ايئر فورس بيس) آمريڪا جو اهم فوجي ۽ مواصلاتي مرڪز آهي، جتي ميزائل وارننگ سسٽم به نصب آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});