ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع گل پلازه ۾ لڳل باهه کانپوءِ جاري سرچ آپريشن دوران هڪ ئي دڪان مان 30 لاشون هٿ آيون آهن، جنهن بعد فوتين جو انگ 61 تائين پهچي ويو آهي.
ڊي آءِ جي ساوٿ اسد رضا موجب دڪاندارن ميزانائن فلور تي ماڻهن جي موجودگي بابت اطلاع ڏنو هو، جتان سڀئي 30 لاش هڪ ڪراڪري جي دڪان مان مليا. هن ٻڌايو ته ملبو هٽائڻ جو ڪم عارضي طور روڪيو ويو آهي ۽ پهرين لاش ڪڍڻ جو عمل جاري آهي.
اطلاعن موجب باهه لڳڻ کانپوءِ ڪيترن ئي ماڻهن پاڻ کي بچائڻ لاءِ دڪان اندر بند ڪري ڇڏيو هو، جن جي آخري موبائل لوڪيشن به ساڳئي جاءِ تي آئي هئي. ريسڪيو عملدارن ٻڌايو ته گل پلازه جي گرائونڊ فلور تي واقع هڪ دڪان مان به انساني عضوا مليا آهن، جيڪي اسپتال منتقل ڪيا پيا وڃن.
ڊي سي ساوٿ جاويد نبي کوسو چيو ته ميزانائن فلور تي ڪراڪري جي شاپ مان 20 کان 25 لاش مليا آهن، جيڪي سخت خراب حالت ۾ آهن. هن ٻڌايو ته لاشن جا باقيات ريسڪيو اهلڪارن کي سرچ آپريشن دوران هٿ آيا.
وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سانحي ۾ جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي هدايت ڪئي ته نون ملندڙ لاشن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو وڃي. هن چيو ته ملبو هٽائڻ جو ڪم روڪي لاشون منتقل ڪيون وڃن، سڃاڻپ ۽ منتقلي سميت وارثن کي سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته انساني جان جو ڪو نعم البدل ناهي، پر وارثن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو.

