ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي اقتصادي فورم جو ساليانو اجلاس ڊيووس ۾ جاري آهي، جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به شريڪ آهن. اجلاس دوران ٻنهي شخصيتن عالمي اڳواڻڻ سان غير رسمي ۽ خوشگوار ملاقاتون ڪيون.
وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ملاقات آذربائيجان جي صدر الہام عليوف، آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مارڪو روبيو ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادہ فيصل بن فرحان آل سعود سان ٿي.
غير رسمي ملاقاتن دوران مسڪراهٽن جي ڏي وٽ ۽ گرمجوشي جو ماحول ڏسڻ ۾ آيو. وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ خاص خطاب ۾ به شريڪ ٿيا.

