اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ ٻاهران جهيڙي واري ڪيس ۾ وڪيل ايمان مزاري ۽ سندس مڙس هادي علي چٺه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتاري سرينا هوٽل جي انڊر پاس ڀرسان عمل ۾ آئي، جتي ٻئي هاءِ ڪورٽ بار جي عهديدارن ۽ وڪيلن سان گڏ ضلعي ڪورٽس ڏانهن روانا ٿي رهيا هئا.
پوليس گرفتاري دوران ڪوريج ڪندڙ صحافين جا موبائل فون به کسي ورتا.
گذريل ڏينهن انسداد دهشتگردي عدالت ٻنهي جي ضمانت واري درخواست عدم پيش ٿيڻ سبب خارج ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته ايمان مزاري ۽ هادي علي اڳواٽ ضمانت لاءِ درخواستون داخل ڪري رکيو هو.
صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار واجد علي گيلاني وڪيلن کي ويڊيو پيغام ذريعي عورتن جي پوليس اسٽيشن پهچڻ جي اپيل ڪئي. هن الزام لڳايو ته پوليس سندن ۽ بار سيڪريٽري تي تشدد ڪيو، گاڏي جا شيشا ٽوڙي ايمان ۽ هادي کي گرفتار ڪيو.
اسلام آباد بار ايسوسيئيشن گرفتاري کي غيرقانوني قرار ڏيندي اڄ هڙتال جو اعلان ڪيو آهي. بار ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته ضلعي ڪچهري ۾ پيش ٿيڻ وقت گرفتاري قانوني اصولن جي خلاف آهي.
بار ايسوسيئيشن ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه جي گرفتاري تي سخت تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ اڄ ڪم معطل رهندو. وڪيلن انصاف ۽ تحفظ لاءِ گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.
ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه هاءِ ڪورٽ بار جي وين ۾ ضلعي ڪورٽس ڏانهن روانا ٿيا هئا، جتي صدر واجد گيلاني ۽ منظور ججهه به ساڻن گڏ هئا. پوليس اسڪواڊ به وين جي پٺيان موجود هو، پر سندن گاڏيون رستي ۾ ئي روڪي گرفتار ڪيو ويو.

