وفاقي حڪومت نئين مالي سال 21-2020ع جي 72 کرب 95 ارب رپين جي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي

HomeFeatured Newsوفاقي حڪومت نئين...

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت نئين مالي سال 21-2020ع جي 72 کرب 95 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي. بچاءَ جي بجيٽ ۾ 61 ارب 74 ڪروڙ 60 لک رپين جي واڌ ڪري 12 کرب 89 ارب ۽ ترقياتي ڪمن لاءِ 1324 ارب مخصوص ڪئي وئي آهي.

قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ بجيٽ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير حماد اظهر نئين مالي سال 21-2020ع جي بجيٽ پيش ڪئي.

وفاقي روينيو جو ڪاٿو، 37 سئو ارب رپيا آهي ۽ خرچ 71 سئو 37 ارب رپيا اهن، بجيٽ جو خسارو 34 سئو 37 ارب رپيا آهي، جيڪو جي ڊي پي جو 7 سيڪڙو ٿئي ٿو.

بجيٽ دستاويزن موجب مالي سال 20-2019ع جي ڀيٽ ۾ نئين مالي سال جي مجموعي بجيٽ جو ڪاٿو 11 سيڪڙو گهٽ آهي، ٻاهرين وسيلن مان آمدنيءَ جو اندزو 810 ارب لڳايو ويو آهي.

بجيٽ ۾ ايف بي آر ٽيڪس اوڳاڙين جو حدف 49 سئو 63 ارب رپيا تجويز ڪيو ويو آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ بچاءَ جي بجيٽ 61 ارب 74 ڪروڙ 60 لک رپين جي وڌائي 12 سئو 89 ارب رپيا ڪئي آهي.

ورڇ جوڳي پول مان پنجاب کي 265 ارب، سنڌ کي 742 ارب، ڪي پي کي 478 ارب ۽ بلوچستان کي 265 ارب ڏيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. وفاقي حڪومت صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪئي آهي.

پنجاب جي ترقياتي بجيٽ ساڍا 3 سئو ارب مان گهٽائي 337 ارب مقرر ڪئي وئي. سنڌ جي ترقياتي بجيٽ 279 ارب مان گهٽائي 165 ارب ڪئي وئي آهي.

بلوچستان جي ترقياتي بجيٽ 108 ارب مان گهٽائي 75 ارب ڪئي وئي.

ڪي پي جي ترقياتي 236 ارب مان گهٽائي 100 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ 994 رٿائون شامل ڪيون ويون، جنهن ۾ 698 هلندڙ رٿائن لاءِ 477 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن.

وفاقي بجيٽ ۾ ڪراچي گرين لائن بس رٿا لاءِ 3 ارب، ڪراچي پيڪيج جي رٿائن لاءِ هڪ ارب 38 ڪروڙ 40 لک رکيا ويا. حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن لاءِ ارب 37 ڪروڙ 34 لک 41 هزار، لاڙڪاڻي، سکر ۽ بينظير آباد لاءِ ارب 88 ڪروڙ 62 لک 43 هزار مخصوص ڪيا ويا آهن.

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪميونٽي هيلٿ ڪلينڪون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ رٿا لاءِ 30 ڪروڙ 60 لک رپيا مخصوص ڪيا ويا.

ايندڙ مالي سال ۾ دستياب وسيلن جو ڪاٿو 63 سئو 14 ڏهائي 9 ارب رپيا رکيو ويو آهي ۽ وفاقي ٽيڪسن ۾ صوبن جو حصو 27 سئو 73 ڏهائي 7 ارب رپيا آهن.

بجيٽ ۾ ايمرجنسي فنڊ لاءِ 100 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آزاد ڪمشير لاءِ 55 ارب، گلگت بلتستان لاءِ 32 ارب، ڪي پي ۾ ضم ٿيل ضلعن لاءِ 56 ارب، سنڌ لاءِ 19، بلوچستان لاءِ 10 ارب رپين جي خاص گرانٽ رکي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب لاءِ ڪا به اسپيشل گرانٽ نه رکي وئي آهي.

ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ 12 سئو ارب رپيا کان وڌيڪ پيڪيج جي منظوري ڏئي وئي، طبي اوزار خريد ڪرڻ لاءِ 71 ارب ۽ غريب خاندانن لاءِ 150 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

خوراڪ ۽ زراعت ۾ رليف لاءِ 12 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته پاڻي وسيلن لاءِ مجموعي طور 69 ارب رپيا رکيا ويا آهن. عوام کي سستي ٽرانسپورٽ فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان ريلوي لاءِ 40 ارب، تعليم لاءِ 30 ارب، تونائي ۽ بجلي لاءِ 80 ارب رپيا رکيا ويا آهن.

سماجي شعبي لاءِ 250 ارب رپيا رکيا ويا آهن، مواصلات ۽ ٻين منصوبن لاءِ 37 ارب رپيا رکيا ويا آهن. ڪامياب نوجوان پروگرام لاءِ 2 ارب رپيا ۽ فنڪارن جي مالي امداد لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن، احساس پروگرام کي 187 مان وڌائي 208 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هوٽل جي صعنت تي ڇهن ميهن لاءِ ٽيڪس جي شرح ڏيڍ سيڪڙو مان گهٽتائي ٻري ڏهائي 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});