رياض (ويب ڊيسڪ): فلم دي وائس آف هند رجب کي بهترين بين الاقوامي فلم جي ڪيٽيگري ۾ آسڪر ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. عرب نيوز موجب، هي فلم غزه ۾ اسرائيلي فائرنگ دوران ڦاٿل ننڍڙي فلسطيني بچي هند رجب جي آخري لمحن کان متاثر ٿي تيار ڪئي وئي آهي. فلم جي هدايتڪاري تونسي فلمساز ڪاوتر بن هانيا ڪئي آهي، جڏهن ته سعودي عرب جي ريڊ سي فنڊ هن منصوبي ۾ تعاون ڪيو.
فلم جي ڪهاڻي هند رجب حماده جي چوڌاري گھمندي آهي، جيڪا گذريل سال غزه سٽي ۾ اسرائيلي فوج کان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. هوءَ پنهنجي ڇهن رشتيدارن سان گڏ گاڏي ۾ سوار هئي، جڏهن سندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي.
https://www.facebook.com/reel/849884424719294
هن اسرائيلي حملي ۾ صرف هند رجب زنده بچي، پر بعد ۾ کيس به گولي هڻي شهيد ڪيو ويو. سندس آخري فون ڪالون، جيڪي ريڊ ڪريسنٽ ريسڪيو سروس سان رڪارڊ ٿيون، عالمي برادري کي اسرائيل خلاف شديد ردعمل ڏياريون.
فلم جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسرز ۾ ڪيترائي عالمي شهرت يافته نالا شامل آهن، جن ۾ اداڪار جواڪين فِينڪس، بريڊ پِٽ، آسڪر فاتح هدايتڪار جوناتھن گليزر (دي زون آف انٽرسٽ) ۽ ميڪسيڪو جو الفونسو ڪورون (روما) شامل آهن.
آسڪر نامزدگي جي اعلان کان پوءِ ريڊ سي فلم فائونڊيشن انسٽاگرام تي بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته اسان کي فخر آهي جو ڪاوتر بن هانيا جي فلم دي وائس آف هند رجب 2026 جي آسڪر ايوارڊز ۾ بهترين بين الاقوامي فيچر فلم لاءِ نامزد ٿي آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته هي نامزدگي فلم جي تخليقي وژن ۽ ٽيم جي محنت جي عڪاسي ڪري ٿي، جنهن ان کي حقيقت ۾ بدلائي ڇڏيو.
هي فلم سيپٽمبر 2025 ۾ وینس انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ پيش ڪئي وئي، جتي ڪجهه ڏينهن بعد دي وائس آف هند رجب کي سلور لائن گرينڊ جيوري پرائز سان نوازيو ويو، جيڪو فیسٹیول جو ٻيو وڏو اعزاز آهي.

