زال کي تڪڻ، گار ڏيڻ يا ٻي شاديءَ جي ڌمڪي ڏيڻ هاڻي ڏوهه قرار: پارليامينٽ مان قانون منظور

Homeاهم خبرزال کي تڪڻ،...

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ عورتن ۽ ٻارن جي سماجي تحفظ بابت اهم قانون منظور ڪيو ويو آهي، جنهن تحت زال کي تڪڻ، طلاق يا ٻي شاديءَ جي ڌمڪي ڏيڻ، ۽ زال کي مرضي کان سواءِ گهر ۾ ٻين سان گڏ رکڻ کي قابل سزا جرم قرار ڏنو ويو آهي.

گڏيل اجلاس ۾ ڊوميسٽڪ وائلينس (پريوينشن اينڊ پروٽيڪشن) ايڪٽ 2026 منظور ڪيو ويو، جيڪو وفاقي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد تي لاڳو ٿيندو.

قانون زال، ٻارن، گهر جي بزرگن، معذورن، ٽرانس جينڊر ۽ گڏيل رهائش رکندڙ ٻين فردن تي لاڳو ٿيندو. قانون موجب زال يا ٻارن کي گاريون ڏيڻ، جذباتي يا نفسياتي طور تنگ ڪرڻ به ڏوهه آهي، جنهن تي ٽن سالن تائين سزا ۽ هڪ لک رپيا تائين ڏنڊ ٿي سگهي ٿو.

ايڪٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته زال يا گهر جي ٻين فردن کي جسماني تڪليف ڏيڻ جي ڌمڪي، پرائيويسي مجروح ڪرڻ، يا خيال نه رکڻ به قابل سزا ڏوهه آهي. جنسي ۽ معاشي استحصال به هن قانون ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ۽ ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ وڌيڪ ڇهه مهينا قيد ٿي سگهي ٿي.

عدالتن کي پابند ڪيو ويو آهي ته شڪايت تي درخواست اچڻ کان 7 ڏينهن اندر ٻڌڻي شروع ڪئي وڃي ۽ 90 ڏينهن اندر فيصلو ڪيو وڃي. متاثر شخص کي گڏيل رهائش ۾ رهڻ جو حق حاصل هوندو يا متبادل رهائش، شيلٽر هوم فراهم ڪيو ويندو، جڏهن ته تشدد ڪندڙ شخص کي متاثر فرد کان پري رکڻ جا حڪم جاري ڪيا ويندا.

قانون ۾ چيو ويو آهي ته تشدد ڪندڙ شخص کي جي پي ايس ٽريڪر پائڻو پوندو. گھريلو تشدد جي تعريف ۾ جسماني، جذباتي، نفسياتي، جنسي ۽ معاشي بدسلوڪي شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا متاثر فرد ۾ خوف يا نقصان جو سبب بڻجي.

ڊوميسٽڪ وائلينس ايڪٽ 2026 تحت زال کي تڪڻ، ٻي شادي يا طلاق جي ڌمڪي ڏيڻ تي گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا ۽ وڌ ۾ وڌ ٽن سالن تائين سزا مقرر ڪئي وئي آهي. ساڳي طرح گاريون ڏيڻ يا نفسياتي طور تنگ ڪرڻ به هاڻي ڏوهه قرار ڏنو ويو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايران جي آمريڪا کي نئين...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون...

سول ۽ عسڪري قيادت جو...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو،...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});