اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد ايمان مزاري ۽ هادي علي کي تڪراري ٽوئيٽس ڪيس ۾ 17، 17 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي۔
ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪه عدالتي ڪمري ۾ مختصر فيصلو ٻڌايو، جنهن تحت ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي مجموعي طور 17، 17 سال قيد جي سزا ڏني وئي۔
فيصلي جي وقت اسپيشل پراسيڪيوٽرز بئريسٽر فهد ۽ رانا عثمان عدالت ۾ موجود هئا، جڏهن ته ايمان مزاري ۽ هادي علي جي طرفان ڪو به وڪيل عدالت ڪمري ۾ موجود نه هو۔
ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪه 22 صفحن تي ٻڌل لکيل حڪم نامو جاري ڪيو، جنهن مطابق ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺه کي پيڪا ايڪٽ جي سيڪشن 9 تحت 5 سال قيد ۽ 50 لک رپيا ڏنڊ، سيڪشن 10 تحت 10 سال قيد ۽ 3 ڪروڙ رپيا ڏنڊ، جڏهن ته سيڪشن 26-اي تحت 2 سال قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي۔
مجموعي طور ٻنهي کي 17، 17 سال قيد ۽ 3 ڪروڙ 60 لک رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو، جڏهن ته پيڪا سيڪشن 11 ۾ ٻنهي کي بري ڪيو ويو۔

