ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گل پلازه سانحي کانپوءِ عمارت جي ملبي مان مليل ڏيڍ ڪلو سون بابت تفصيلون سامهون اچي ويون آهن۔
خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب گل پلازه ۾ باهه لڳڻ کان پوءِ ڪريل عمارت جي ملبي هٽائڻ جو عمل جاري آهي، جتي سرچ آپريشن دوران ڏيڍ ڪلو سون هٿ آيو۔
ضلعي انتظاميا موجب سون ان هنڌان مليو جتي اڳ ۾ زيورن جي دڪان قائم هئي، جنهن کان پوءِ هٿ آيل سون دڪان جي اصل مالڪ حوالي ڪيو ويو۔
ضلعي ڏکڻ جي ڊپٽي ڪمشنر جاويد نبي کوسي جو چوڻ آهي ته ريسڪيو ٽيمون احتياط سان ملبو هٽائي رهيون آهن ته جيئن قيمتي شيون ۽ ممڪن انساني عضون کي نقصان نه پهچي۔ انتظاميا موجب ملبي ۾ اڃا به ڪيترائي اهڙا حصا موجود آهن جتي مڪمل رسائي ممڪن نه ٿي سگهي آهي۔
ٻئي طرف پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد ٻڌايو آهي ته هن وقت تائين 71 لاشن ۽ انساني باقيات جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جن مان ڊي اين اي ٽيسٽنگ ذريعي 16 ماڻهن جي سڃاڻپ مڪمل ٿي آهي۔ باهه سبب ڊي اين اي جو عمل پيچيده ٿي ويو آهي، جنهن ڪري سڃاڻپ ۾ وقت لڳي رهيو آهي۔
گل پلازه مينيجمينٽ ڪميٽي جي صدر تنوير پاستا موجب سانحي ۾ 10 ارب رپين کان وڌيڪ مالي نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته ڪجهه متاثرن لا لاش يا عضوا اڃا تائين نه ملي سگهيا آهن۔ ريسڪيو 1122 موجب عمارت جو لڳ ڀڳ 10 کان 15 سيڪڙو حصو اڃا مڪمل طور صاف نه ٿي سگهيو آهي، جتي اڄ به سرچ آپريشن جاري آهي۔

