ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر ۽ اديب مظھر لغاري سان آن لائين سرھي سانجھ، سڄي دنيا مان شرڪت

Homeاهم خبرترقي پسند ۽...

ڪرونا جي ڪري پابند ڪيل ملڻ-جلڻ ۽ ڪچھرين  کي آن لائين قائم رکڻ ۽ خوشگوار بنائڻ لاء رميش راجا ۽ منظور اڄڻ پاران شروع ڪيل سلسلي جي نائين گڏجاڻي ھڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعر ۽ اديب مظھر لغاري سان ھڪ سرھي سانجھ طور ٿي گذري. جنھن ۾ جامي چانڊيو، حسين جروار، مھيش ڪمار، ڪئناڊا مان نديم احمر، آمريڪا کان آيل ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي، نيدرلينڊ مان تسليم مظھر، جرمني مان ڪاڪا سنگھ، ھنگري مان دانش پرمار، روس مان زيشان جتوئي، بحرين مان منظور سيٺار، دبئي مان دودو کٽياڻ ۽ ٻين ساڃاه وندن مظھر لغاري جي فن ۽ فڪر تي ڳالھايو ۽ نوجوان فنڪار سعيد عابد ڦل سندس شاعري ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

تفصيل موجب مھمان شاعر جو تعارف ڪرائيندي رميش راجا چيو ته مظھر لغاري مقدار نه پر معيار ۾ وشواس ڪندڙ ليکڪ آھي. گھڻو پڙھي ٿو ۽ ٿورو پر سٺو لکي ٿو. سندس شاعري عالمي توڙي مقامي رجحانن جو سنگم آھي. سمورن ترقي پسند ۽ لبرل ماڻھن جو پسنديده ۽ ترجيحي ڪالم نگار ۽ شاعر آھي.

عالمي سطح تي رچايل ورچوئل سرھي سانجھ ۾ روشن خيال ۽ ترقي پسند شاعر مظهر لغاري چيو ته “ ادب صرف سماج جو عڪس نه پر عوام کي شعور ۽ گس ڏرندڙ به ھجڻ کپي. شاعر جي ذميداري ڪافيي ۽ رديف جو جوڙجڪ کان گھڻي مٿي آھي. اديب کي سرڪاري نه، پر عوامي ھجڻ کپي. سرڪار ايجندا بدران عوام جي اھنجن ۽ تڪيلفن تي لکڻ گھرجي. ھڪ سچي اديب لاء سرڪاري انعام نه، پر عوامي داد ئي تمغو آھي”.

ھن وڌيڪ چيو ته “سنڌ جو مسئلو گھڻو ڪري طبقاتي آھي وڏيرو ۽ جاگيردار ئي سڄي تباھي جو ذميدار آھي. وقت گذرڻ سان ڦريندڙن پنهنجي طريقه واردات ۾ جدت آندي آهي. هو پنهنجو ۽ پنهنجي آقائن جي حصي پتيءَ جو حساب رکي اڳي کان وڌيڪ ڌاڙا هڻي رهيا آهن ۽ کانئن جهڙو تهڙو پڇاڻو به گهٽجندو پيو وڃي. اهڙي ماحول ۾ وائرس ۽ وبائون بنا روڪ ٽوڪ جي انڌاڌند پکڙجنديون.

ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي شاعري ڦرجي ويل، وڏيرن جي غلام ۽ بزگر بنايل پورهيت عورتن ۽ مردن لاءِ آهي. پر جڏھن هڪ وڏي پالتو خلق سرڪاري نظرئي جي پرچار جي ڊيوٽي تي فائز ھجي ته هي شاعري سڌيءَ طرح عوام تائين پهچڻ جي ڪابه اميد ڪانھي پر رميش راجا، منظور اڄڻ ۽ سندن ساٿي ڪوشش ڪري رهيا آهن، کين جس ھجي. جديد ڊجيٽل وڊيو گرافي واري دور اٻھرائپ ۽ عارضي پڻي جي گنجائش ڪانھي يوٽرني ۽ غير سنجيده اديب خوار ٿيندا. آئون نظرياتي طور ساڳئي بر ۾ بيٺل آهيان ۽ پنهنجي پراڻي شاعريءَ جي لفظ لفظ سان متفق آهيان.

سياست ۽ شاعري بابت پڇيل ھڪ سوال ۾ هن چيو ته “اديب لاء عوامي ڀلائي ۽ سجاڳي جو ڪارج کڻي ھلڻ ضروري آھي. ان ڏس ۾ شاعري پنهنجو ڪم ڪيو آهي ۽ ڪري رھي آھي پر سياست به جيڪڏهن صحيح رخ ۾ ڪم ڪري ته شايد ڪنهن ننڍڙي تبديليءَ جي شروعات ٿي سگهي ٿي. ڀتاخوري، قبضاخوري، مفت خوري ۽  ٽولي بازي بند ڪرڻي پوندي”.

حالات حاضره متعلق پڇيل سوال تي ھن چيو ته “انتھاپسندي سان نه، پر رواداري سان ئي اسان سڀ ڌرتي تي سڪون سان رھي سگھون ٿا، اھڙا تجربا مغرب وارن ويجھي ماضي ۾ ڪيا ۽ سڪون ۾ آھن. ان معاملي ۾ اسان جي ته صدين جي تاريخ آھي جن کي سمجھندي رواداري قائم رکڻي پوندي. مذھبن، نظرين، ثقافتن، لاشن ۽ جيئرن جي توھين ڪرڻ حيواني عمل آھن سنڌ ۾ اھڙيون حرڪتون ٻاھرين  پيوندڪاري آھي. سنڌ جي تاريخي ورثي، روايتن ۽ تقافت جي حفاظت ۽ پاسداري اڄ جي ليکڪ جو پھريون فرض ۽ سماجي ڪارج ھئڻ گھرجي”.

ترقي پسند دانشور جامي چانڊيو چيو ته مظھر جي شاعريءَ ۾ سنڌي عوام جي ڏکن جو سچو داستان به آهي ته سنڌ جي انقلابي ماڻهن جي بي مثال جدوجهد به ڊاڪيومينٽ ڪيل آهي. غلامي، غلاميءَ جي رکوال سياست، پوليس اسٽيٽ، ڪرپٽ رياستي نظام، گندي حڪمراني، انساني حقن جي ڀڃڪڙي، پاڻيءَ جي کوٽ ۽ قدرتي آفتون ھن جي لکڻين ۽ شاعري جا موضوع آھن.

حسين جروار چيو ته “مظھر لغاري ھوائون نه روڪيو جھڙن نظمن وسيلي آپيشاھي ۽ ٻوسٽ واري آمراڻي نظام کي چيلينج ڪيو. ھن جي شاعري ٣٠ سيپٽمبر جھڙين واقعن کي انسانيت جو قتل سمجھي مذمت ڪري ٿي. سندس شاعري جي ڪينواس تي خوشين, غمن, رومانس , ملڻ وڇڙڻ, ڌرتي, سونھن ۽ فطرت جا رنگ چٽيل آھن “.ـ

پروگرام جو اختطام ڪندي منظور اڄڻ چيو ته “مظهر لغاري جي شاعري ۾ عوام جا درد ۽ ڌرتيءَ جا عڪس موجود آھن ھن جي شاعري ڏاڍ کان نفرت ۽ مزاحمت سان ڀرپور آهي”.

ان موقعي تي پاڪستان جي مختلف شهرن مان عبدالرزاق سروھي, ڊاڪٽر سريش جي سراڻي، ذوالفقار بھڻ، شڪيل احمد شيخ ، جميل احمد شيخ، عبيد الله سولنگي، پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي، حاجي خان بوزدار، مرتضي گوھر، ساھ شيخ ، نذير سروھي، انيس نور ميمڻ، عشرت حسين ميمڻ، حق نواز شيراز چانڊيو، چانڊيو انور عزيز، راجيش جئپال، علي دوست اڄڻ، انتظار عامر ڪلهوڙو،  آصف ابڙو، حسين سھتو، بابر علي انصاري، وحيد جسڪاڻي، ممتاز خادم ميمڻ، علي محمد ناريجو، اياز جروار،  واجد سنڌي، امجد شر، ساحل ڪمار لوڍا، محمد بخش سومرو، الاھي مھر، بابو ھرداس، سعيد چنو، ڊاڪٽر فرخ ڀنڀرو، آصف علي ابڙو، سي خان، مشتاق احمد، گھنشام داس، اياز سارنگ،ڪيسراج ڀيل، نور الدين پنهور، انيس ڀنگر، الهرکيو ڪوري، ڊاڪٽر شھزاد شيخ ،خالد حسين ميتلو، نيرج جوشي، دریا خان شيخ، سانول ڳاھو، ظهيرالدين بابر ڀيو، فيصل نظر مورائي، وفا جاويد مڪئي معين گلال احسان علي سھتو، محمد تلحه انصاري جان شير سومرو، ذوالفقار جامڙو ۽ ٻين آن لائين شرڪت ڪئي.

آخر ۾ وڌندڙ ڪرونا وبا جي احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});