قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران هاڪي فيڊريشن، ڪلب رجسٽريشن ۽ چوند تي تلخ بحث
کراچی، سنڌ، ويب ڊيسڪ: قومي اسيمبلي جي قائمہ ڪميٽي براءِ بين الصوباٸي رابطا جي اجلاس دوران پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي معاملات تي سخت گرما گرمي ٿي. خواجه اظهار الحسن ۽ شهلا رضا جي وچ ۾ الزام ۽ ردعمل جو تبادلو ٿيو، جنهن ۾ هاکي فيڊريشن جي ڪلب رجسٽريشن، انتخابات ۽ نجی ڪمپنين جي مداخلت شامل هئي. ڊي جي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ياسر پيرزاده ۽ سيڪريٽري رانا مجاهد پڻ اجلاس ۾ موجود هئا. اجلاس دوران قائمہ ڪميٽي طرفان پاڪستان هاکي فيڊريشن ۽ اسپورٽس بورڊ کي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون ۽ شفاف انتخابات لاءِ ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي وئي.

