سنڌ حڪومت پاران گل پلازا متاثرن لاءِ 10 لک رپين تائين بغير وياج قرض جو اعلان

HomeFeatured Newsسنڌ حڪومت پاران...

وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورنگي ڪازوي پل جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 6.1 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل ڪورنگي ڪازوي پل جو افتتاح ڪيو ۽ ڪراچي جي بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم کي ورجايو. هن موقعي تي هن گل پلازا سانحي کان متاثر ماڻهن لاءِ جامع رليف، بحالي ۽ ٻيهر تعمير جي قدمن جو به اعلان ڪيو.

افتتاحي تقريب کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير گل پلازا واقعي ۾ فوت ٿيل ماڻهن لاءِ دعا گهري ۽ سڀني کان سوره الفاتحه ۽ سوره الاخلاص پڙهڻ جي اپيل ڪئي. هن چيو ته هي المناڪ واقعو سڄي صوبي لاءِ انتهائي ڏکائيندڙ آهي ۽ انساني جان جو نقصان ڪنهن به معاوضي سان پورو نٿو ٿي سگهي. وڏي وزير سان گڏ صوبائي وزير بلديات سيد ناصر حسين شاهه، صوبائي وزير محنت سعيد غني ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ موجود هئا. ڪورنگي ڪازوي تي پهچڻ تي وڏي وزير جو ڀليڪار خاص مددگار علي راشد، سيڪريٽري بلديات وسيم شمشاد ۽

ٻين عملدارن ڪيو. ڪورنگي ڪازوي منصوبي جي اهميت تي زور ڏيندي وڏي وزير چيو ته هي منصوبو ڪورنگي ۽ ڀرپاسي جي رهواسين ۽ صنعتي اسٽيڪ هولڊرن سان ڪيل هڪ پراڻو واعدو هو. هن چيو ته برساتن دوران هي علائقو ڪٽجي ويندو هو جنهن سبب شهر عملي طور ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. ان مسئلي جي حل لاءِ لڳ ڀڳ ٽي سال اڳ هتي پل ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

هن ٻڌايو ته پل جي تعمير اٽڪل ڏيڍ سال اڳ شروع ٿي پر ڊيزائن سان لاڳاپيل مسئلن سبب دير ٿي. نئون پل لڳ ڀڳ 1.4 ڪلوميٽر ڊگهو آهي جنهن ۾ ڇهه لين (هر پاسي ٽي) آهن ۽ ان تي 6.135 ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت آئي آهي. وڏي وزير چيو ته هي منصوبو ڪورنگي ۽ لانڍي جي صنعتي علائقن، روزانو سفر ڪندڙ ماڻهن ۽ ڀرپاسي جي ادارن جن ۾ انڊس اسپتال، ايس آءِ يو ٽي، تعليمي ادارا ۽ رهائشي علائقا شامل آهن، لاءِ وڏي فائدي جو سبب بڻجندو. هن موجب روزانو لڳ ڀڳ 50 لک ماڻهو هن پل مان فائدو حاصل ڪندا. سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪورنگي ڪازوي پل ڪراچي جي زبون حال بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ وسيع تر منصوبي جو حصو آهي.

هن ٻڌايو ته ڪجهه لاڳاپيل ڪم اڃا جاري آهن جن ۾ شاهراهه ڀٽو کي ڪورنگي روڊ سان ڳنڍڻ شامل آهي. هن چيو اسان جو ارادو آهي ته شاهراهه ڀٽو عيد تائين يا عيد کان فوراً پوءِ کوليون جيتوڻيڪ لڳ ڀڳ ڏيڍ کان ٻن مهينن جي دير ٿي آهي پر عيد کان پوءِ ڪورنگي روڊ کان ايم-9 تائين رستو کوليو ويندو.

وڏي وزير کي شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي منصوبي هيٺ تعمير ٿيندڙ ڪنڪٽنگ لوپس ۽ گريڊ سيپريٽيڊ انٽرچينج بابت به بريفنگ ڏني وئي جيڪو ڪورنگي، ڊي ايڇ اي ۽ ڪاٿور (ايم-9) هاءِ وي کي پاڻ ۾ ڳنڍيندو. ٽريفڪ کي بغير رڪاوٽ هلائڻ لاءِ ڪورنگي ۽ قيوم آباد لاءِ ٻه داخلا ۽ ٻه نڪاسي رمپس ٺاهيا ويا آهن ته جيئن اندروني شهر جي رستن تي دٻاءُ گهٽجي.وڏي وزير چيو ته شهيد ڀٽو ايڪسپريس وي ڪراچي جي معيشت لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي ۽ ڪنٽرولڊ ايڪسيس ڪوريڊورن وسيلي پراڻن ٽريفڪ مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.

گل پلازا سانحي بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته واقعي کي هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت ٿي چڪو آهي ۽ سنڌ حڪومت پهرين ڏينهن ئي هر فوت ٿيل شخص جي وارثن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضي جو اعلان ڪيو هو پر هن ٻيهر واضح ڪيو ته ڪا به رقم انساني جان جي نقصان جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي. هن ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي جي فلور تي متاثر دڪاندارن لاءِ مالي امداد جو به اعلان ڪيو ويو هو.

هن چيو جيستائين دڪاندار ٻيهر پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي قابل نه ٿيندا، سنڌ حڪومت انهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ ٻڌايو ته انهن قدمن جي ڪابينا کان جلد منظوري ورتي ويندي. وڏي وزير اعلان ڪيو ته هر متاثر دڪاندار کي فوري طور پنج لک رپيا بطور گذر سفر امداد ڏني ويندي ته جيئن ايندڙ ٻن مهينن دوران گهر خرچ، ٻارن جي فيس ۽ يوٽيلٽي بل ادا ڪري سگهجن.

هن ٻڌايو ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ڪي سي سي آءِ) جي سهڪار سان ڪاروباري نقصانن جي جاچ ۽ ادائيگي جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. هن يقين ڏياريو ته باهه ۾ تباهه ٿيل سامان ۽ اسٽاڪ جو معاوضو به ڪي سي سي آءِ جي مدد سان ڏنو ويندو. وڏي وزير موجب ڪيترن ئي عمارت مالڪن متاثر دڪاندارن کي عارضي طور جاءِ فراهم ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.

هن چيو مون کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن عمارتن جو علم آهي، هڪ ۾ لڳ ڀڳ 500 دڪان ۽ ٻي ۾ 350 دڪان آهن. ان کان علاوه سرڪاري پارڪنگ پلازا ۽ ٻيون عمارتون به گنجائش رکن ٿيون. وڏي وزير ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 1300 متاثر دڪانن کي ٻن مهينن اندر متبادل جڳهون ڏنيون وينديون ته جيئن واپاري ان عرصي دوران پنهنجو ڪاروبار ٻيهر شروع ڪري سگهن. هن عبوري مرحلي دوران وڌيڪ مالي مدد ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته سنڌ انٽرپرائز ڊولپمينٽ فنڊ ذريعي هر متاثر دڪاندار کي 10 لک رپين تائين بغير وياج قرض ڏنو ويندو. حڪومت ان قرض جي ضمانت ڏيندي، وياج پاڻ ڀريندي ۽ بغير ڪنهن سفارش جي قرض فراهم ڪيو ويندو.

آخر ۾ وڏي وزير چيو ته گل پلازا جي ٻيهر تعمير متاثر دڪاندارن سان صلاح مشوري سان ڪئي ويندي. هن شفافيت ۽ انصاف جي يقين دهاني ڪرائيندي چيو دڪانن جو انگ ساڳيو رهندو، هڪ به اضافي دڪان تعمير نه ڪيو ويندو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

ايران جي آمريڪا کي نئين...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18...

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون...

سول ۽ عسڪري قيادت جو...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو،...
spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});