اسلام آباد جي عدالت عبوري ضمانتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي 6 فيبروري تي مقرر
اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽن 9 مئي ۽ ٻين 5 ڪيسن جي ايندڙ ٻڌڻي تي باني پي ٽي آءِ عمران خان کي ذاتي طور عدالت ۾ يا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.
ايڊيشينل سيشن جج محمد افضل مجوڪا باني پي ٽي آءِ خلاف 9 مئي ۽ ٻين ڪيسن جي سماعت ڪئي. عدالت عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت وارين درخواستن ۾ 6 فيبروري تائين واڌ ڪري ڇڏي.
عدالت آڏو ٻڌايو ويو ته باني پي ٽي آءِ کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش نه ڪيو وڃي سگهيو، جنهن سبب ضمانت وارين درخواستن تي دليل مڪمل نه ٿي سگهيا. ان صورتحال سبب عدالت ٻڌڻي 6 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته باني پي ٽي آءِ خلاف 9 مئي، اقدام قتل، جعلي رسيدن سميت ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، جڏهن ته بشريٰ بي بي خلاف به مبينا جعلي رسيدون جمع ڪرائڻ بابت ڪيس درج آهي.

