اقرار الحسن مون کي ڇڏيو ناهي، طلاق جون افواهون بي بنياد آهن: فرح يوسف جو کليل اعتراف

Homeاهم خبراقرار الحسن مون...

پوڊڪاسٽ ۾ فرح يوسف جو وڏو بيان، سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن کي سخت رد

اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: پاڪستاني صحافي ۽ ڊجيٽل ڪريئيٽر فرح يوسف پنهنجي مڙس، مشهور اينڪر ۽ سياستدان اقرار الحسن سان لاڳاپن ۽ طلاق بابت هلندڙ افواهن تي پهريون ڀيرو کليل موقف سامهون آندو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.

فرح يوسف ريحان طارق جي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته شروعات ۾ هوءَ ۽ اقرار الحسن ويجهو نه هئا، ڇو ته اقرار سندس سينيئر هو، جنهن سبب احترام سان گڏ ٿوري جهجھڪ ۽ خوف به موجود هو، پر وقت سان گڏ ٻنهي جي دوستي مضبوط ٿيندي وئي.

هن ٻڌايو ته هوءَ فطري طور شرميل طبيعت رکي ٿي ۽ هر ڳالهه هر ڪنهن سان شيئر نٿي ڪري، اقرار سان به نه، ۽ اها ئي سندس عادت آهي. فرح يوسف جو چوڻ هو ته هاڻي هوءَ ۽ اقرار اڳ کان وڌيڪ ويجهو آهن، هڪ ٻئي سان مڪمل طور تي آرامده آهن، گڏ فلمون ڏسن ٿا، لانگ ڊرائيوز تي وڃن ٿا ۽ زندگي جا سادا لمحات گڏ گذارين ٿا.

طلاق بابت افواهن تي ڳالهائيندي فرح يوسف چيو ته يوٽيوب ۽ ٽي وي تي بار بار اهڙيون وڊيوز ۽ سرخيون سامهون اچن ٿيون، جن ۾ چيو وڃي ٿو ته “اقرار الحسن فرح يوسف کي ڇڏي ڏنو آهي”، جڏهن ته اهي سڀ ڳالهيون بي بنياد آهن. هن چيو ته جيڪڏهن وييوز وٺڻا آهن ته مهذب ٻولي استعمال ڪئي وڃي.

فرح يوسف وڌيڪ چيو ته اهڙو رويو صرف سندن سان ناهي، پر ٻين مشهور شخصيتن سان به ٿيندو رهيو آهي، جيئن منيب بٽ بابت ٻي شادي جون افواهون يا سينيئر شخصيتن جي وفات جون جعلي خبرون.

واضح رهي ته فرح يوسف، اقرار الحسن جي ٻي زال آهن، جڏهن ته اقرار الحسن جي پهرين شادي قرۃ العين سان ٿي هئي، جن مان کين هڪ پٽ آهي، جڏهن ته ٽين شادي عروسہ خان سان ڪئي وئي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});