پوڊڪاسٽ ۾ فرح يوسف جو وڏو بيان، سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن کي سخت رد
اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: پاڪستاني صحافي ۽ ڊجيٽل ڪريئيٽر فرح يوسف پنهنجي مڙس، مشهور اينڪر ۽ سياستدان اقرار الحسن سان لاڳاپن ۽ طلاق بابت هلندڙ افواهن تي پهريون ڀيرو کليل موقف سامهون آندو آهي، جيڪو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي.
فرح يوسف ريحان طارق جي پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي چيو ته شروعات ۾ هوءَ ۽ اقرار الحسن ويجهو نه هئا، ڇو ته اقرار سندس سينيئر هو، جنهن سبب احترام سان گڏ ٿوري جهجھڪ ۽ خوف به موجود هو، پر وقت سان گڏ ٻنهي جي دوستي مضبوط ٿيندي وئي.
هن ٻڌايو ته هوءَ فطري طور شرميل طبيعت رکي ٿي ۽ هر ڳالهه هر ڪنهن سان شيئر نٿي ڪري، اقرار سان به نه، ۽ اها ئي سندس عادت آهي. فرح يوسف جو چوڻ هو ته هاڻي هوءَ ۽ اقرار اڳ کان وڌيڪ ويجهو آهن، هڪ ٻئي سان مڪمل طور تي آرامده آهن، گڏ فلمون ڏسن ٿا، لانگ ڊرائيوز تي وڃن ٿا ۽ زندگي جا سادا لمحات گڏ گذارين ٿا.
طلاق بابت افواهن تي ڳالهائيندي فرح يوسف چيو ته يوٽيوب ۽ ٽي وي تي بار بار اهڙيون وڊيوز ۽ سرخيون سامهون اچن ٿيون، جن ۾ چيو وڃي ٿو ته “اقرار الحسن فرح يوسف کي ڇڏي ڏنو آهي”، جڏهن ته اهي سڀ ڳالهيون بي بنياد آهن. هن چيو ته جيڪڏهن وييوز وٺڻا آهن ته مهذب ٻولي استعمال ڪئي وڃي.
فرح يوسف وڌيڪ چيو ته اهڙو رويو صرف سندن سان ناهي، پر ٻين مشهور شخصيتن سان به ٿيندو رهيو آهي، جيئن منيب بٽ بابت ٻي شادي جون افواهون يا سينيئر شخصيتن جي وفات جون جعلي خبرون.
واضح رهي ته فرح يوسف، اقرار الحسن جي ٻي زال آهن، جڏهن ته اقرار الحسن جي پهرين شادي قرۃ العين سان ٿي هئي، جن مان کين هڪ پٽ آهي، جڏهن ته ٽين شادي عروسہ خان سان ڪئي وئي.

