آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ نيون ترجيحون طئي، پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان

HomeFeatured Newsآءِ ايم ايف...

وزارتِ خزانه آءِ ايم ايف سان رليف ۽ معاشي بحالي تي نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي

اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: پاڪستان ۽ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) وچ ۾ ٽئين اقتصادي جائزي بابت ڳالهين جو امڪان ايندڙ مهيني آهي، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف جو جائزو مشن پاڪستان جو دورو ڪندو. ٽيون اقتصادي جائزو مڪمل ٿيڻ جي صورت ۾ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر جي ايندڙ قسط ملڻ جي اميد آهي.

ذريعن موجب، پاڪستان جي اقتصادي ٽيم آءِ ايم ايف سان ٽئين جائزي لاءِ تياريون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۽ ضروري ڊيٽا به شيئر ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي وزارتِ خزانه آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ نيون ترجيحون طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

وزارتِ خزانه جي عملدارن جو چوڻ آهي ته حڪومت عوام، تنخواهدار طبقي ۽ صنعتي شعبي کي رليف ڏيڻ بابت آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ڪندي. ذريعن موجب وزيراعظم جي سربراهي ۾ وفد آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان به ملاقات ڪئي، جتي قرض پروگرام ۾ رهندي مڪمل سهڪار جي يقيندهاني ڪرائي وئي.

وزيراعظم آءِ ايم ايف کان رليف حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٻن هفتن اندر جامع تجويزون طلب ڪيون آهن، جڏهن ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلا گهٽائڻ لاءِ به سفارشون گهريون ويون آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ صنعتن جي بحالي، تيز معاشي ترقي ۽ متبادل ٽيڪس حڪمت عملي پيش ڪئي ويندي.

آءِ ايم ايف رليف جي بدلي ۾ ٽيڪس نيٽ وڌائڻ بابت تجويزون گهريون آهن، جنهن تي فيڊرل بورڊ آف ريونيو (FBR) کي هدايت ڪئي وئي آهي ته موجوده مالي سال دوران ٻين ذريعن مان ٽيڪس آمدني وڌائي وڃي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});