آمريڪا ۾ قيامت جهڙو برفاني طوفان، 30 ڄڻا فوت، لکين بجلي کان محروم

Homeاڄ جي اخبارآمريڪا ۾ قيامت...

نيويارڪ، ٽيڪساس سميت ڪيترين رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو، سردي زندگي منجمد ڪري ڇڏي

واشنگٽن/نيويارڪ، آمريڪا – ويب ڊيسڪ: آمريڪا ۾ شديد برفاني طوفان سبب اوڀر ۽ ڏکڻ رياستن ۾ روزمره زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي آهي. برف ۽ برفاني مينهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 30 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن، جڏهن ته لکين شهري سخت سردي ۽ بجلي جي بندش کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پرڏيهي خبر ايجنسين موجب نيو ميڪسيڪو کان نيو انگلينڊ تائين هڪ فوٽ کان وڌيڪ برف پئي، جنهن سبب شاهراھون مڪمل طور برف سان ڍڪجي ويون ۽ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. نيويارڪ، ميساچوسٽس، ٽيڪساس ۽ نارتھ ڪيرولائنا سميت ڪيترين ئي رياستن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته 25 کان وڌيڪ گورنرن ايمرجنسي جو اعلان ڪيو آهي.

طوفان سبب ڏکڻ رياستن ۾ ڏهاڪن کان پوءِ انتهائي سرد موسم ڏسڻ ۾ آيو، جتي ڳري برف سبب وڻ ۽ بجلي جون لائينون ڪري پيون. نيويارڪ سٽي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج ماڻهو سردي سبب جان وڃائي ويٺا، جڏهن ته ٽيڪساس، آرڪنسا ۽ پنسلوانيا ۾ پڻ مختلف حادثن دوران انساني جانيون ضايع ٿيون.

موسميات کاتي موجب طوفان اوڀر سامونڊي پٽي مان گذري چڪو آهي، پر ڪينيڊا کان ايندڙ شديد ٿڌيون هوائون ايندڙ ڪيترن ڏينهن تائين گرمي پد کي منجمد سطح کان هيٺ رکڻ جو سبب بڻبيون. لڳ ڀڳ 20 ڪروڙ آمريڪي مختلف درجن جي شديد سردي وارن الرٽ هيٺ آهن.

برفاني طوفان سبب هوائي آمد و رفت به سخت متاثر ٿي. آچر ڏينهن 12 هزار کان وڌيڪ پروازون منسوخ ڪيون ويون، جڏهن ته سومر تي به هزارين پروازون رد ڪيون ويون. ڪيترن علائقن ۾ اسڪول بند ڪري آن لائن تعليم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

گولڊن ٽيمپل ۾ غير...

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر،...

گولڊن ٽيمپل ۾ غير ارادي ڪُلي، شخص گرفتار، سکھ برادري ۾ ڀڙڪ پيدا

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر، ڀارت – ويب ڊيسڪ: سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل...

چیئرمین پی ٹی آئی بیرسٹر گوہر خان عمران خان سان ملاقات کان انڪار

جیل ۾ ملاقات دوران بیرسٹر گوہر خان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت، هڪ فيملي ممبر يا وڪيل شامل ڪرڻ جي درخواست اسلام آباد، پاڪستان...

آءِ سي سي بنگلاديشي صحافيءَ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

100 کان وڌيڪ صحافيءَ کي ايڪريڊٽيشن نه ڏيڻ سان بنگلاديش ۽ آءِ سي سي جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو ڊھاڪـا، بنگلاديش – ويب ڊيسڪ:...

گل پلازا سانحي کانپوءِ هزارين گهر اونداهي ۽ گيس کان محروم، شهري حڪومت اڳيان بي وس

مارسٽن روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 11 ڏينهن کان گيس بند، متاثر خاندان سلينڊرن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪراچي، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: گل پلازا...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

گولڊن ٽيمپل ۾ غير ارادي ڪُلي، شخص گرفتار، سکھ برادري ۾ ڀڙڪ پيدا

امرِتسر ۾ مقدس هرمندر صاحب جي تالاب ۾ غير اخلاقي عمل، ملزم سبحان رنگریز گرفتار امرِتسر، ڀارت – ويب ڊيسڪ: سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل...

چیئرمین پی ٹی آئی بیرسٹر گوہر خان عمران خان سان ملاقات کان انڪار

جیل ۾ ملاقات دوران بیرسٹر گوہر خان اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرڻ کان معذرت، هڪ فيملي ممبر يا وڪيل شامل ڪرڻ جي درخواست اسلام آباد، پاڪستان...

آءِ سي سي بنگلاديشي صحافيءَ کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪوريج کان روڪي ڇڏيو

100 کان وڌيڪ صحافيءَ کي ايڪريڊٽيشن نه ڏيڻ سان بنگلاديش ۽ آءِ سي سي جي وچ ۾ تڪرار وڌي ويو ڊھاڪـا، بنگلاديش – ويب ڊيسڪ:...

گل پلازا سانحي کانپوءِ هزارين گهر اونداهي ۽ گيس کان محروم، شهري حڪومت اڳيان بي وس

مارسٽن روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ 11 ڏينهن کان گيس بند، متاثر خاندان سلينڊرن تي گذارو ڪرڻ تي مجبور ڪراچي، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: گل پلازا...

آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ نيون ترجيحون طئي، پاڪستان کي هڪ ارب ڊالر ملڻ جو امڪان

وزارتِ خزانه آءِ ايم ايف سان رليف ۽ معاشي بحالي تي نئين حڪمت عملي تيار ڪري ورتي اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: پاڪستان ۽...

اقرار الحسن مون کي ڇڏيو ناهي، طلاق جون افواهون بي بنياد آهن: فرح يوسف جو کليل اعتراف

پوڊڪاسٽ ۾ فرح يوسف جو وڏو بيان، سوشل ميڊيا تي هلندڙ افواهن کي سخت رد اسلام آباد، پاڪستان – ويب ڊيسڪ: پاڪستاني صحافي ۽ ڊجيٽل...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});