ڪراچي (ويب ڊيسڪ) شهر جي پوش علائقي ڊفنس جي مصروف شاهراهه تي ايڊورٽائزمينٽ لاءِ لڳايل ايس ايم ڊي اسڪرينز تي نازيبا ويڊيو نشر ٿيڻ بعد شهرين سخت احتجاج ڪيو.
اطلاعن موجب خيابانِ اتحاد روڊ تي لڳل ڊجيٽل اسڪرينز کي نامعلوم ماڻهن هيڪ ڪري ڪجهه وقت لاءِ غيراخلاقي مواد نشر ڪيو، جنهن سان علائقي ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي. عبدالستار ايونيو تي وڏي اسڪرينز تي هلندڙ تڪراري مواد ڏسي شهري ويڊيوز ٺاهي سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون، جيڪي تڪڙو ئي وائرل ٿي ويون.
اطلاع ملندي ئي لاڳاپيل ادارا حرڪت ۾ اچي ويا ۽ متاثر اسڪرينز کي فوري طور بند ڪيو ويو ته جيئن وڌيڪ مواد نشر نه ٿي سگهي. احتياطي قدم طور ڊي فنس جي ٻين اهم شاهراهن سان گڏ شاهراهه فيصل ۽ ڪار ساز روڊ تي لڳايل ڪيترن ئي ڊجيٽل اسڪرينز کي به عارضي طور بند ڪيو ويو، جڏهن ته سسٽمز جو سيڪيورٽي آڊٽ شروع ڪيو ويو آهي.
واقعي جي جاچ لاءِ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ۽ سائبر ڪرائم يونٽ گڏيل ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اسڪرينز کي هيڪ ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ لاءِ ٽيڪنيڪي شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن ۽ ڊيٽا لاگز سميت ٻين ڊجيٽل رڪارڊز جو جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن ذميوار عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي.

