بالي ووڊ اداڪار راجپال يادَو جيل مان ضمانت تي آزاد ٿي ويو

Homeخبرونبالي ووڊ اداڪار...

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو مشهور ڪاميڊي اداڪار راجپال يادَو کي چيڪ باؤنس ڪيس ۾ ضمانت ملي وئي، جنهن بعد کين تيهار جيل مان آزاد ڪيو ويو.

راجپال يادَو، بالي ووڊ کي درجنين بلاڪ بسٽر ڪاميڊي فلمن ۾ يادگار ڪردار ڏنا، 2010 کان هلندڙ هڪ قانوني ڪيس ۾ ڏکيائين جو شڪار هو. هن ڪيس ۾ کين عدالت طرفان بار بار ادائيگي نه ڪرڻ تي جيل ۾ سرنڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

گذريل هفتي دهلي جي عدالت سندن ضمانت جي درخواست رد ڪئي هئي ۽ چيو هو ته يادَو لڳ ڀڳ 9 ڪروڙ رپيا ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. جسٽس سوارنا ڪانتا شرما واضح ڪيو هو ته سندن قيد محض رسمي نه هئي، پر هو معاهدي جي شرطن تي عمل نه ڪرڻ سبب جيل ويو. 16 فيبروري تي عدالت کين ڪجهه شرطن سان ضمانت ڏني، جنهن سان کين عارضي رليف مليو.

ڪيس جو پس منظر

هي معاملو 2010 جو آهي، جڏهن يادَو ۽ سندن زال پنهنجي هدايت ڪيل فلم آتا پتا لاپتا لاءِ لڳ ڀڳ 5 ڪروڙ رپيا قرض ورتو هو. فلم باڪس آفيس تي ناڪام ٿيڻ بعد قرض واپس ڪرڻ مشڪل ٿي ويو. مدعي ڪمپني مرلي پروجيڪٽس پرائيويٽ لميٽيڊ کي ڏنل ڪيترائي چيڪ باؤنس ٿي ويا، جنهن بعد قانوني ڪارروائي شروع ٿي ۽ سود ۽ جرمانن سان گڏ رقم وڌي 9 ڪروڙ تائين پهچي وئي.

تصفيو معاهدو ٿيڻ باوجود يادَو مبينا طور تي ادائيگيون نه ڪري سگهيا، جنهن سبب عدالت کين جيل ۾ سرنڊر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هاڻي ضمانت ملڻ سان کين عارضي آزادي ملي آهي، پر ڪيس اڃا به جاري آهي.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});