پنجاب جي شهر جهلم ۾ ٿاڻي سٽي ۾ انجنيئر محمد علي مرزا تي قاتلانو حملو ڪرڻ جي ڪوشش جي الزام ۾ ايبٽ آباد سان تعلق رکندڙ 26 ورهين جي نوجوان کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف اقدامِ قتل جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب هي ڪيس قرآن ۽ سنت ريسرچ اڪيڊمي جي ڪور ڪميٽي جي هڪ رڪن جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آچر جي ڏينهن ليڪچر ختم ٿيڻ کان پوءِ فوٽو سيشن دوران هڪ شخص انجنيئر محمد علي مرزا تي حملو ڪيو، سندن عمامه زمين تي اڇلايائين ۽ ٻنهي هٿن سان ڳچي دٻائي سندن ساهه روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
ايف آءِ آر مطابق حملي آور مذهبي سياسي جماعت جا نعرا به هنيا. ان وقت موجود ماڻهن کيس قابو ڪري پوليس حوالي ڪيو. پوليس ڪيس 324 قلم تحت داخل ڪيو آهي.
جهلم پوليس موجب محمد علي مرزا تي اڳ به قاتلانا حملا ٿي چڪا آهن. مارچ 2021 ۾ چاقو سان حملو ٿيو هو جنهن ۾ هو محفوظ رهيو ۽ 2017 ۾ به هڪ حملو ٿيو هو جنهن مان هو بچي ويو هو.
ياد رهي ته گذريل سال محمد علي مرزا کي مبينا توهينِ مذهب جي مقدمي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، پر ڊسمبر 2025 ۾ اڊياله جيل مان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.
وڪيل محمد طاهر ايوبي ٻڌايو ته اڪيڊمي ۾ هر آچر درس ۽ سوال جواب جو سيشن ٿيندو آهي جنهن ۾ ملڪ ڀر مان ماڻهو شرڪت ڪندو آهي. اڪيڊمي جي پاليسي آهي ته هڪ شخص هڪ ڀيرو سيشن ۾ شرڪت ڪري ته ٻيهر شامل نه ٿي سگهي، جيئن وڌيڪ ماڻهن کي موقعو ملي.
وڪيل موجب حملي وارو شخص صبح جو نوين وڳي اڪيڊمي ۾ داخل ٿيو ۽ سڄو سيشن ۾ موجود رهيو. سيشن ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن فوٽو ڪڍڻ لاءِ مخصوص ڪمري ۾ ويو ته هن مرزا تي اوچتو حملو ڪيو. ماڻهن کيس پڪڙي پوليس حوالي ڪيو.
پوليس موجب جوابدار جي کيسي مان سندس سڃاڻپ ڪارڊ مليو آهي، جنهن موجب هو 26 ورهين جو آهي ۽ ايبٽ آباد سان تعلق رکي ٿو.

