ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار دوران شديد مندي ڏسڻ ۾ آئي ۽ هينڊريڊ انڊيڪس 5149 پوائنٽن جي وڏي گهٽتائي سان بند ٿيو.
ڪاروبار جي شروعات ۾ 2264 پوائنٽن جي گهٽتائي سان انڊيڪس 177,339 پوائنٽن تي اچي ويو. بعد ۾ مختلف مرحلن تي 1742، 670 ۽ 1187 پوائنٽن جي مندي رڪارڊ ٿي. هڪ وقت تي 4936 پوائنٽن جي رڪارڊ گهٽتائي سان انڊيڪس 174,667 پوائنٽن تائين به هيٺ هليو ويو.
آخرڪار ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي هينڊريڊ انڊيڪس 174,453 پوائنٽن تي بند ٿيو، جيڪو مجموعي طور تي 5149 پوائنٽن جي وڏي مندي آهي.
ماهرن موجب، مارڪيٽ ۾ وڪرو جو دٻاءُ، سيڙپڪارن جي محتاط حڪمت عملي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال هن مندي جا اهم سبب آهن. مستقبل ۾ مارڪيٽ جو رخ معاشي ۽ سياسي اڳڀرائي تي دارومدار رکندو.

