رياض (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل ۽ چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، سيد عاصم منير سعودي عرب جي دوري دوران وزير دفاع شهزاده خالد بن سلمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي جي سلامتي ۽ موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن مملڪت تي ايران طرفان ٿيل ڊرون ۽ ميزائل حملن سبب پيدا ٿيل سنگين سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهايو ۽ گڏيل دفاعي معاهدي جي فريم ورڪ تحت انهن کي روڪڻ لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي تي زور ڏنو.
هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته بنا جواز جارحيت نه رڳو علائقائي سلامتي ۽ استحڪام جي ڪوششن کي نقصان پهچائي ٿي پر تڪرارن جي پرامن حل جا رستا به بند ڪري ٿي.
ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته ڀائيچاري واري ملڪ ايران هوشياري ۽ سمجھداري جو مظاهرو ڪندي ڪنهن به غلط فهمي کان پاسو ڪندو ۽ بحران جي پرامن حل لاءِ ڪوشش ڪندڙ دوست ملڪن جي هٿ مضبوط ڪندو.

