واشنگٽن: آمريڪي محکمه انصاف اعلان ڪيو آهي ته هڪ پاڪستاني شهري کي ٻن سال اڳ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين اهم آمريڪي سياستدانن کي قتل ڪرڻ جي سازش ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي.
آصف مرچنٽ تي الزام هو ته هن 2020 ۾ واشنگٽن طرفان ايراني فوجي ڪمانڊر قاسم سليماني جي قتل جو بدلو وٺڻ لاءِ ٽرمپ ۽ ٻين کي نشانو بڻائڻ جي منصوبي ۾ آمريڪا اندر ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔
وفاقي استغاثه موجب 2024 جي سازش ۾ ان وقت جي صدر جو بائيڊن ۽ نڪي هيلي به هدف هئا۔ آمريڪي ڊپارٽمينٽ آف جسٽس چيو ته آصف مرچنٽ کي ايراني اختيارين جي هدايت تي “پئسن عيوض قتل ۽ قومي حدون لتاڙي دهشتگردي ڪرڻ” جي الزام ۾ مجرم قرار ڏنو ويو.
بروڪلن، نيويارڪ ۾ ڪيس گذريل هفتي شروع ٿيو، جنهن کان ڪجهه ڏينهن پوءِ صدر ٽرمپ اسرائيل سان گڏجي ايران تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جيڪو علائقي جي وڏي جنگ ۾ تبديل ٿي ويو.
آصف مرچنٽ اعتراف ڪيو ته هو ايران جي اسلامي انقلابي گارڊز سان سازش ۾ شامل ٿيو، پر چيو ته هن اهو فيصلو پنهنجي خاندان جي حفاظت لاءِ مجبوري ۾ ڪيو. هن دعويٰ ڪئي ته کيس ڪنهن مخصوص شخص کي قتل ڪرڻ جو سڌو حڪم نه مليو، پر ايراني هينڊلر ڳالهه ٻولهه دوران ٽن ماڻهن جا نالا ٻڌايا.
قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سازش کي حملو ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪام بڻائي ڇڏيو. ڊي او جي موجب اپريل 2024 ۾ مرچنٽ جنهن شخص سان رابطو ڪيو، ان سرگرمين جي اطلاع ڏني ۽ خفيه مخبر بڻجي ويو، جنهن کان پوءِ مرچنٽ گرفتار ٿيو ۽ ڏوهه کان انڪار ڪندي بيگناهي جي استدعا ڪئي.

