عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ چار ڏينهن جي وقفي کان پوءِ سونهه جي قيمتن ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 61 ڊالر وڌي 5 هزار 171 ڊالر تائين پهچي وئي.
پاڪستان ۾ به قيمتن ۾ وڏو اضافو ٿيو، جتي في تولو سون 6 هزار 100 رپيا وڌي 5 لک 39 هزار 862 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته في 10 گرام سون جي قيمت 5 هزار 230 رپيا وڌي 4 لک 62 هزار 844 رپيا ٿي وئي۔
چاندي جي قيمتن ۾ به واڌ رڪارڊ ٿي، في تولو 17 رپيا وڌي 8 هزار 931 رپيا ۽ في 10 گرام 14 رپيا وڌي 7 هزار 656 رپيا ٿي وئي.

