ڪراچي: سنڌ حڪومت ٽريفڪ حادثن جي متاثرن جي مالي تحفظ لاءِ اهم قدم کڻي ورتو آهي، جنهن تحت سنڌ موٽر وهيڪل ايڪٽ ۾ ترميمون متعارف ڪرايون ويون آهن۔ انهن ترميمن مطابق هاڻي سڄي صوبي ۾ گاڏين لاءِ ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس لازمي هوندي.
نئين قانوني ترميمن تحت:
ٿرڊ پارٽي موٽر انشورنس کانسواءِ ڪا به گاڏي رجسٽر نه ٿي سگهندي
گاڏي جي ٽرانسفر ۽ ٽوڪن ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ به انشورنس لازمي قرار ڏني وئي آهي
حادثي جي صورت ۾ جاني نقصان تي متاثر ڌر کي 7 لک رپيا ۽ مستقل معذوري جي صورت ۾ 5 لک رپيا معاوضو ڏنو ويندو
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان موجب انشورنس پاليسين جي تصديق لاءِ آن لائن ڊيٽابيس تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ به گاڏين جي روٽ پرمٽ کي انشورنس سسٽم سان ڳنڍڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

