ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ڌُريندهر: دي ريوينج جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي، جيڪا ڪراچي جي علائقي لياري جي گينگ وار تي ٻڌل آهي۔ فلم ۾ رنوير سنگھ هڪ ڀيرو ٻيهر ايڪشن سان واپسي ڪري رهيو آهي۔
فلم جي هدايتڪاري، لکڻ ۽ پروڊڪشن آدتيه دھر پاڻ ڪئي آهي، جڏهن ته فلم کي هندي، تامل، تيلگو، مليالم ۽ ڪنڙ سميت پنج ٻولين ۾ 19 مارچ، عيدالفطر جي موقعي تي رليز ڪيو ويندو.
پهريون حصو وڏي ڪاميابي کان پوءِ مداحن کي ٽريلر جو شدت سان انتظار هو، جيڪو هدايتڪار جي اعلان مطابق صبح 11:01 تي جاري ڪيو ويو.
ٽريلر ۾ آر مادھون اجي سانيال جو ڪردار نڀائي رهيو آهي، جنهن کي دهشتگرد ڌمڪائين ٿا، پر جيئن ئي ملڪ جي توهين ڪرڻ جي ڪوشش ٿئي ٿي، رنوير سنگھ حمزه علي مزاري جي روپ ۾ سامهون اچي سڀ دهشتگردن کي ختم ڪري ٿو.
رحمان ڊڪيت جي قتل کان پوءِ حمزه علي مزاري لياري جي گهٽين ۾ تباهي مچائي ٿو ۽ سوال اٿيو آهي ته لياري جو نئون ليڊر ڪير ٿيندو؟
پروڊيوسرز موجب هن ڀيري ڪهاڻي صرف جاسوسي تائين محدود نه رهندي، پر ذاتي رخ اختيار ڪندي، جڏهن ته رنوير سنگهھ ٻن مختلف ڪردارن ۾ نظر ايندو.

