تهران: ايراني صدر مسعود پزشڪيان تازو بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي عبوري قيادت ڪائونسل فيصلو ڪيو آهي ته هاڻي پاڙيسري ملڪن کي نشانو نه بڻايو ويندو، سواءِ ان صورت ۾ جڏهن ايران تي حملو انهن ملڪن جي سرزمين تان ڪيو وڃي.
ايراني ميڊيا موجب صدر پزشڪيان گذريل ڏينهن ٿيل حملن بابت پاڙيسري ملڪن کان معذرت جو اظهار به ڪيو.
هن اعلان کان ڪجهه ئي دير پوءِ دوحا ۾ هڪ ڌماڪي جو آواز ٻڌو ويو ۽ سيڪيورٽي الارم وڄڻ شروع ٿي ويا. شروعاتي اطلاعن مطابق اهو آواز هوائي دفاعي نظام طرفان ڪنهن ميزائل يا ڊرون کي تباهه ڪرڻ جي هئي، پر اڃا تائين واضح ناهي ته ايران جي فوج ۽ حڪومت جي اعلان ۾ معلومات ڏيڻ ۾ ڪا دير ٿي يا نه۔
واضح رهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي گڏيل حملي کان پوءِ ايران جوابي ڪارروائي ۾ متحده عرب امارات، سعودي عرب، قطر، بحرين، عمان ۽ ڪويت ۾ آمريڪي فوجي اڊن ۽ تيل جي تنصيبن کي نشانو بڻايو هو.
ايمريٽس ايئر لائن پاران اُڏامن جي بحالي جو اعلان
دبئي: ايمريٽس ايئر لائن دبئي لاءِ فلائيٽ آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ ڪمپني پنهنجي “ايڪس” اڪائونٽ تي جاري بيان ۾ چيو آهي ته اڄ منجهند جي اڏامن لاءِ تصديق ٿيل بڪنگ رکندڙ مسافر ايئرپورٽ پهچي سگهن ٿا.
بيان ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته دبئي ۾ ٽرانزٽ ڪندڙ مسافر به سفر ڪري سگهن ٿا، بشرطيڪه انهن جي ڪنيڪٽنگ فلائيٽ به جاري هجي.
ايمريٽس ايئر لائن جو چوڻ آهي ته هو صورتحال تي مسلسل نظر رکي رهيا آهن ۽ ان مطابق آپريشنل شيڊول ۾ تبديليون ڪيون وينديون.
پڌرائي ۾ زور ڏنو ويو آهي ته مسافرن ۽ عملي جي حفاظت سڀ کان اهم ترجيح آهي ۽ ان کي ڪنهن به صورت ۾ خطري ۾ نه وڌو ويندو.
آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ وڌيڪ جاني نقصان
بيروت/اصفهان: آمريڪي ۽ اسرائيلي هوائي حملن ۾ لبنان ۽ ايران ۾ ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿي ويا. لبناني صحت واري وزارتِ موجب وادي بقاع جي علائقي نبي ۾ ٿيل اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ماڻهو شهيد ۽ 33 زخمي ٿيا.
لبنان ۾ جنگ جي شروعات کان وٺي اڄ تائين 200 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته لڳ ڀڳ 95 هزار ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن.
ساڳئي وقت ايران جي وچولي صوبي اصفهان ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي جهازن جي حملي ۾ هڪ عورت سميت 8 ماڻهو شهيد ٿيا. ايراني اختيارين موجب اصفهان شهر ۽ صوبي جي ٻين ست شهرن تي به حملا ڪيا ويا، جن ۾ لنجان ۽ بورخَر جا علائقا شامل آهن، جتي 80 گهرن کي شديد نقصان پهتو.
ايراني حملن تي عرب ليگ جو هنگامي اجلاس سڀاڻي ٿيندو
قاهره: عرب ملڪن تي ايران جي حملي بابت عرب ليگ جي پرڏيهي وزيرن جو هنگامي اجلاس سڀاڻي ٿيندو. عرب ليگ جي معاون سيڪريٽري جنرل حسام زڪي خابرو اداري “اي ايف پي” کي ٻڌايو ته اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪويت، سعودي عرب، قطر، عمان، اردن ۽ مصر طرفان ڏني وئي هئي.
حسام زڪي موجب اجلاس ويڊيو ڪانفرنس جي ذريعي ٿيندو، جنهن ۾ نار جي ملڪن تي ايران جي حملن بابت تفصيلي غور و ڪيو ويندو.
ايران جا بيلسٽڪ ميزائل حملا، لکين اسرائيلي پناهه گاهن تائين محدود
تل ابيب: غير ملڪي ميڊيا رپورٽن موجب جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات کان وٺي ايران طرفان اسرائيل تي بيلسٽڪ ميزائلن جون پنجين لهر شروع ٿي وئي، جنهن سبب تل ابيب ۽ وچ اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ خطري جا سائرن وڄڻ شروع ٿي ويا. انهن حملن جي نتيجي ۾ لکين اسرائيلي شهري سڄي رات پناهه گاهن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا.
اسرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته تازن ميزائل حملن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، ڇو ته هوائي دفاعي نظام سڀ ميزائل هوا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيا ۽ ڪنهن به هنڌ تي سڌو سنئون ڪرڻ جي تصديق نه ٿي.
اسرائيلي هوائي حملا، 230 بم ڪيرائڻ جو دعويٰ
تهران: ايران جي مختلف علائقن سميت گاديءَ جي هنڌ تهران ۾ سڄي رات ڌماڪن جون رپورٽون مليون آهن. اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن آپريشن ۾ 80 جنگي جهازن حصو ورتو، جن ڪيترن ئي فوجي هنڌن تي 230 بم ڪيرايا.
فوجي بيان ۾ چيو ويو آهي ته نشانو بڻايل هنڌن ۾ پاسدارانِ انقلاب جي فوجي يونيورسٽي، ميزائل لانچ انفراسٽرڪچر رکڻ واري اسٽوريج سائيٽ ۽ بيلسٽڪ ميزائل ٺاهڻ ۽ ذخيرو ڪرڻ لاءِ زيرِ زمين سهولتون شامل هيون.
قطر جي فضائي حدون جزوي طور بحال
دوحه: وچ اوڀر ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ قطر پهريون ڀيرو ملڪ جي هوائي حدون جزوي طور کولڻ جو اعلان ڪيو آهي. قطري هوا بازي جي اداري موجب هوائي حدون صرف نڪرڻ جي اُڏامون ۽ ضروري ڪارگو فلائيٽن لاءِ کوليون پيون وڃن.
حمد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ اُڏامن جي اجازت سيڪيورٽي صورتحال جي جائزي سان مشروط هوندي.
قطر ايئرويز هن وقت لنڊن، روم، پيرس، ميڊرڊ ۽ فرينڪفرٽ لاءِ محدود وڃڻ وارين اڏمون هلائي رهي آهي.
قطري اختيارين هن هفتي جي شروعات ۾ ٻڌايو هو ته فوج ايئرپورٽ تي ايران جي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي هئي. دفاع واري وزارت موجب جمعي جي ڏينهن قطر 9 ڊرون به ڪيرايا، جن مان هڪ غيرآباد علائقي ۾ ڪري پيو، پر ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو.

