قومي اسيمبلي ۾ اهم بلن جي منظوري، اتحادي پارٽيون آمهون سامهون

Homeاهم خبرقومي اسيمبلي ۾...

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ايوان ڪيترن ئي اهم قانوني بلن جي منظوري ڏني.

اجلاس دوران مجموعه فوجداري ترميمي بل 2025، پاڪستان جي نالي ۽ نشاني جي غير مجاز استعمال کي روڪڻ بابت بل، ۽ لازمي ٿيلسيميا اسڪريننگ بل 2025 منظور ڪيا ويا. ٿيلسيميا اسڪريننگ بل موجب شادي کان اڳ مڙس ۽ زال لاءِ ٽيسٽ لازمي هوندو، جڏهن ته نڪاح پڙهائيندڙ ٽيسٽ کانسواءِ نڪاح رجسٽرڊ ڪندو ته سندس لائسنس رد ۽ هڪ لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويندو.

بل پيپلز پارٽي جي رڪن ڊاڪٽر شرميلا فاروقي پيش ڪيو، جڏهن ته جي يو آءِ جي ميمبر نعيمه ڪشور جي ترميم رد ڪئي وئي. سول ملازمين ترميمي بل 2024 به منظور ڪيو ويو، جيڪو شازيه مري پيش ڪيو. هن جي يو آءِ تي الزام لڳايو ته حڪومت سان مُڪ مُڪا ڪري نجي بلز جي مخالفت ڪئي پئي وڃي. جي يو آءِ جي عاليه ڪامران جواب ۾ چيو ته پيپلز پارٽي به پنهنجن بلز تي حڪومت سان مڪ مڪا ڪري ٿي.

ايم ڪيو ايم جي خواجه اظهار الحسن سول ملازمين بل کي آئين جي روح خلاف قرار ڏنو ۽ چيو ته ڪوٽا سسٽم اڳ ئي ملڪ کي نقصان ڏنو آهي، هاڻي ان ۾ وڌيڪ اقليتن ۽ عورتن جا ڪوٽا شامل ڪيا پيا وڃن. بحث کان پوءِ بل کي قائمہ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو.

تعليمي نصاب ۽ درسي ڪتابن بابت وفاقي نگراني جو بل 2026 به منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ اتحادي جماعتون آمهون سامهون اچي ويون، جڏهن پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم جي هڪ بل جي مخالفت ڪئي. نويد قمر چيو ته بل تي وڌيڪ غور جي ضرورت آهي، جڏهن ته خواجه اظهار الحسن زور ڏنو ته بل اڳ ئي ڪميٽي مان پاس ٿي چڪو آهي. ڊپٽي اسپيڪر بل مؤخر ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي ايم ڪيو ايم احتجاج ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.

اجلاس ۾ اپوزيشن رڪن جنيد اڪبر خان حڪومت تي الزام لڳايو ته ايران ۽ سعودي عرب بابت دفاعي معاهدي ۾ پارليمان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو. پيپلز پارٽي جي فتح الله خان ڊي آءِ خان جي مسئلن بابت احتجاج ڪندي چيو ته جيڪڏهن علائقي جي نمائندن کي نظرانداز ڪيو ويو ته هو ايوان ٻاهران بک هڙتال ڪندو.\

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});