بحريا ٽائون جي قديمي ڳوٺ ڪمال خان جوکيو تي جديد مشينري سان چڙهائي، ڳوٺاڻن تي تشدد ۽ فائرنگ، ڪيترائي زخمي

HomeFeatured Newsبحريا ٽائون جي...

ملير (رپورٽ: سامي ميمڻ) گڏاپ جي قديمي ڪمال خان جوکيو ڳوٺ لڳ زمين تي بحريه ٽائون انتظاميا  ڳري مشنري سان صبح سوير چڙهائي ڪري ڏني.

  مشينري پهچندي ئي وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻان ۽ ڪاٺوڙ شهر لڳ ٻين آبادين جا رهواسي مدد لاءِ پهچي ويا جن سخت مزاحمت ڪندي  پٿراءُ ڪري ڏنو جنهن بعد اهلڪار مشنري ڪاهي ڀڄڻ تي مجبور ٿي پيا  ويندي ويندي انتظامي اهلڪارن ٻيهر اچڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن جي نتيجي ۾ شام 3 وڳي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ گڏاپ پوليس جي اٽالن سان گڏ ٻيهر ڀرپور چڙهائي ڪري زمين تي والار ۽ اڏاوت شروع ڪري ڏني. 

https://youtu.be/HnoQMQeqCmA

وڏي تعداد ۾ ڳوٺاڻا جي گڏ ٿيڻ تي  بحريه ۽ پوليس  اهلڪارن ڳوٺاڻن لٺ بازي ڪندي  سڌي فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا انور ڪلمتي ، شوڪت خاصخيلي ۽ جانشير جوکيو سخت زخمي ٿي پيا،  جن مان جانشير جوکيو ۽ شوڪت خاصخلي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ڀيڙو ڪيو ويو، فائرنگ بعد صورتحال انتهائي چڪتاڻ واري ٿي وئي ، ان موقعي تي سياسي ۽ سماجي اڳواڻ قادر بخش ڪلمتي جو چوڻ هو ته ظالم اهلڪارن  زخمين ۽ ڳوٺاڻن کي زوري کنڀي گاڏي ۾ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ته ماڻهن گهيراءَ ڪري زخمين کي گاڏي مان لاهي ورتو.

ان موقعي تي ڪمال خان جوکيو ڳوٺ جو ميدان جنگ جو ميدان بڻيل رهيو، جڏهن ته علائقي جا سياسي سماجي اڳواڻ ۽ معزز گڏاپ ٿاڻي پهچي ويا جن حملي ۽ فائرنگ خلاف بحريه انتظاميا تي ڪيس داخل ڪرائڻ جي درخواست ڏني جنهن جي جواب ۾ زخمين جي  طبي چڪاس لاءِ پوليس ليٽر جاري ڪيو هوڏاهن سج لٿي تائين بحريه انتظاميا بندوق جي زور تي پنهنجي ڪاروائي جاري رکي ۽  اڄ وري بحريه انتظاميا طرفان زمين تي رهيل ڪم مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو،ان موقعي تي  ڳوٺاڻن طرفان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو هڻي چونڊيل نمائيندن جي ماٺ ۽ بيحسي  خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته  زمين ۽ ڳوٺ بڇائڻ لاءِ آخري دم تائين وڙهنداسين.

ٻئي طرف عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد پڻ اڄ ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪندو.  ان موقعي تي دانهيندي ڳوٺاڻن منور جوکيو، حميد ڇٽو، صلاح الدين گبول ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل هڪ هفتي کان ڳوٺاڻن سان بحريا ٽائون ۽ پوليس جون قهري ڪاروائيون جاري آھن، اسان جي وسيلن ۽ زمينن تي بندوق جي زور تي قبضا ڪرڻ کانپوء اسان جي پاڪستان کان اڳ انگريزن جي دور کان قائم ٿيل قديم ڳوٺن ٿي چڙھائيون ڪري اسان کان جيئڻ جو حق به کسيو پيو وڃي، اسان پنهنجا قديم اجها ڇڏي ڪيڏانهن وڃون، هنن چيو ته اسان جو ڪوبه واهر ڪرڻ وارو نه آهي، سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي جنهن کي گذريل 40 سالن کان ووٽ ڏيندا اچون پر سنڌ حڪومت اسان جي واهر ڪرڻ بدران اسان کي بحريا ٽائون جي ظلم جي رحم و ڪرم تي بي يارو مددگا ڇڏي ڏنو آھي.

ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته پنهنجي ڌرتي تي انگريزن جي دور ۾ به اسان سان اهڙو ظلم نه ٿيو جهڙو ظلم پاڪستان ۾ ٿي رهيو آھي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر ۽ پ پ چيئرمين جي نوٽيس وٺڻ باوجود بحريه ٽائون انتظاميا قبضا خوري ختم نه ڪئي، سنڌ سرڪار به ملير پوليس کي ڳوٺاڻن خلاف ڪارروائي کان نه روڪيو، بحريه ٽائون انتظاميا قبضن لاءِ زبردستي قديمي ڳوٺ خالي ڪرڻ گهر ٿي، متاثرن طرفان بحريه ٽائون انتظاميا ۽ ملير پوليس خلاف نوٽيس وٺي ڪارروائيون بند ڪرائڻ مطالبو ڪيو.

Subscribe

Copyright © Daily Misal

ايران جي آمريڪا کي...

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ...

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

By commenting on this post, you agree to the Terms of Service. This is a written agreement that can be withdrawn when you express your consent to interact with any part of this site.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here

spot_img

ايران جي آمريڪا کي نئين آڇ، آبنائي هرمز کولڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش

تهران  (ويب ڊيسڪ): ايران آمريڪا کي آبنائي هرمز کولڻ ۽ جاري جنگ جي خاتمي لاءِ نئون فارمولو پيش ڪيو آهي. آمريڪي خابرو اداري ايڪزيئوس...

پاسداران انقلاب پاران ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) پاسداران انقلاب ايراني فضائي حدن ۾ ايف 18 سميت ٻه آمريڪي جنگي جهاز ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. روسي ميڊيا پاسداران انقلاب...

آمريڪا جا 15 نڪتا ايران آڏو پيش، پاڪستان ثالثي جو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي:  اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وچ اوڀر جي حالتن بابت غير ضروري ڳالهيون رد ڪندي چيو آهي ته...

سول ۽ عسڪري قيادت جو معيشت، توانائي ۽ سيڪيورٽي بابت گڏيل فيصلن تي اتفاق

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ايوانِ صدر ۾ اهم اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سول ۽ عسڪري...

پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم: آمريڪا جون تجويزون ايران حوالي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان خطي کي وڏي جنگ کان بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويو، پاڪستان جنگبندي بابت آمريڪي تجويزون ايران حوالي ڪري ڇڏيون آهن،...

وزيراعظم پاران خليجي ملڪن ڏانهن خوراڪ جي فراهمي تيز ڪرڻ جون هدايتون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس ۾ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ موجوده علائقائي صورتحال سبب ۾ وچ...
// Twitter conversion tracking base code + event !function(e,t,n,s,u,a){e.twq||(s=e.twq=function(){s.exe?s.exe.apply(s,arguments):s.queue.push(arguments); },s.version='1.1',s.queue=[],u=t.createElement(n),u.async=!0,u.src='https://static.ads-twitter.com/uwt.js', a=t.getElementsByTagName(n)[0],a.parentNode.insertBefore(u,a))}(window,document,'script'); // Base config twq('config','qg7q0'); // Conversion event (fires immediately) twq('event', 'tw-qg7q0-qg7q1', {});