اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بنون جي دوري دوران دھشتگردي خلاف جاري حڪمت عملي تي اھم فيصلن جو امڪان آھي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آھي تھ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ھن وقت بنون جو دورو ڪري رھيو آھي ۽ وزيراعظم پاڪستان بھ بنون پھچي رھيو آھي. سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو تھ دوري دوران دھشتگردي خلاف جاري آپريشن جو جائزو ورتو ويندو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب عسڪري ۽ سياسي قيادت جي ملاقات ۾ دھشتگردي خلاف جاري حڪمت عملي تي اھم فيصلن جو امڪان آھي

