اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ آذربائيجان جي صدر الھام عليئوف جي وچ ۾ ٽيليفوني رابطو ٿيو، جنهن دوران آذربائيجان جي صدر وزيراعظم ۽ فِيلڊ مارشل جنرل سيد عاصم منير کي وِڪٽري ڊي پريڊ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف 8 نومبر تي هڪ ڏينهن جي دوري تي آذربائيجان روانو ٿيندو. دوري دوران شهباز شريف ۽ جنرل عاصم منير آذربائيجان جي يومِ فتح جي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا.
يومِ فتح جي تقريبن ۾ ترڪ صدر رجب طيب اردگان پڻ باڪو ۾ موجود هوندو. وزيراعظم شهباز شريف، جنرل عاصم منير ۽ ترڪ صدر اردگان تقريب جا خاص مهمان هوندا.
دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الھام عليئوف ۽ ٻين اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪندو.
سفارتي ذريعن موجب، شهباز شريف جي ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان به ملاقات متوقع آهي. آذربائيجان ۾ يومِ فتح جون تقريبون نگورنو ڪاراباخ جي آزادي ۽ آرمينيا خلاف ڪاميابي جي حوالي سان ملهايون وڃن ٿيون، جنهن جنگ ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه آذربائيجان جي ڀرپور حمايت ڪئي هئي.

