ڪراچي: رچي رچرڊسن کي ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي ميچن ۾ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، آءِ سي سي پاڪستان جي مطالبي تي وچولي ميدان ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. آءِ سي سي اڄ پاڪستاني خط جو جواب ڏيڻ جي اميد آهي، پاڪستان ميچ ريفري پائيڪرافٽ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هندستاني ميڊيا جو چوڻ آهي ته اينڊي پائيڪرافٽ کي پاڪستان جي ميچن ۾ ذميواري نه ڏيڻ جو آپشن موجود آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پنهنجي موقف تي قائم آهي ته جيڪڏهن پائيڪرافٽ کي نه هٽايو ويو ته اهي ميچ نه کيڏندا، جڏهن ته، آءِ سي سي اڃا تائين پاڪستاني خط جي جواب ۾ خاموش آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پاڪستان خلاف ايشيا ڪپ ميچ ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڀارتي ڪپتان سوريه ڪمار ياديو تي ڏنڊ لڳي سگهي ٿو.

