زلزلي سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1129 تي ڪري سگهجي ٿي
لاهور: ملتان سميت پنجاب جي اڪثر علائقن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. پي ڊي ايم اي کي پنجاب جي سڀني ضلعن مان زلزلي بابت شروعاتي رپورٽون مليون، زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 4.8 رڪارڊ ڪئي وئي. پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، زلزلي جو مرڪز ملتان کان 126 ڪلوميٽر اولهه ۽ کوٽائي 55 ڪلوميٽر هئي. پنجاب ۾ انتظاميه عمارتن جي جانچ ۾ مصروف آهي. پي ڊي ايم اي جو صوبائي ڪنٽرول روم ۽ پنجاب ۾ ضلعي ايمرجنسي آپريشن سينٽر 24/7 الرٽ آهن. زلزلي سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائن 1129 تي ڪري سگهجي ٿي.

