پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گاديءَ واري هنڌ پشاور ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا.
زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلي جي شدت 4.4 رڪارڊ ڪئي وئي. زلزلي جو مرڪز افغانستان جو جبلن جو سلسلو هو، جڏهن ته ان جي کوٽائي 20 ڪلوميٽر زمين هيٺ هئي.
شهرين ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ ماڻهو پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪا به رپورٽ نه ملي آهي. مقامي انتظاميا ۽ بچاءُ وارا ادارا صورتحال جي نگراني ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.

