پشاور: تيرا وادي ۾ خوارج دهشتگردن جي وڌندڙ سرگرمين پشاور لاءِ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. ذريعن موجب تي راه ۽ پشاور جو فاصلو لڳ ڀڳ 70 ڪلوميٽر آهي ۽ سفر جو وقت صرف ٻه ڪلاڪ آهي، جنهن سبب دهشتگرد آساني سان پشاور تائين پهچي سگهن ٿا.
24 نومبر تي پشاور ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري هيڊڪوارٽر تي حملو ڪندڙ افغان خوارج به تيراه وادي جي رستي آيا هئا، جڏهن ته 25 نومبر تي حسن خيل ۾ گياس پائپ لائين کي آءِ اي ڊي سان تباهه ڪندڙ دهشتگرد به ساڳئي علائقي مان نڪتا هئا. ماضي ۾ خارجي حڪيم الله محسود جو مرڪز به ڊگهي عرصي تائين تيراه ۾ قائم رهيو، جتان هو قبائلي علائقن، پشاور ۽ ملڪ ڀر ۾ ڪارروائين ڪندو رهيو.
ذريعن موجب تازين ڪيترين ئي حملن ۾ ملوث افغان شهري به تي راه ۾ موجود نيٽ ورڪن سان ڳنڍيل مليا آهن. 2014ع جي آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ايس) حملو به تيراه ۾ قائم خفيه مرڪزن ۾ ئي منصوبه بندي ڪيو ويو هو. هاڻي وري دهشتگردن جي تعداد ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ منشيات جي ڪاروبار سان ڳنڍيل مفادن جو به ان علائقي ۾ کليل اظهار ٿي رهيو آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر اڳ ۾ ئي چيو هو ته منشيات جي ڪاروبار ۽ دهشتگردي ۾ گهاٽو تعلق آهي. جيڪڏهن تيراه ۾ هن وڌندڙ ڳٺ جوڙ کي ختم نه ڪيو ويو ته پشاور ۽ سڄي خيبر پختونخوا ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي سگهن ٿا. ماهرن جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت کي فوري ۽ مؤثر قدم کڻڻا پوندا، ٻي صورت ۾ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي سگهي ٿي.

